حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي معذورن پاران معذور ڪوٽا تحت نوڪريون نه ملڻ خلاف 113هين ڏينهن به پريس ڪلب سامهون علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي محمد خالد سومرو، فاروق احمد چيو ته هو پڙهيل لکيل آهن پر ڪيترائي ڀيرا ادارن ۾ درخواستون ڏيڻ باوجود کين نوڪريون نٿيون ڏنيون وڃن. هنن چيو ته سنڌ سرڪار معذورن لاءِ ڪوٽا مختص ڪئي آهي پر اها ڪوٽا معذورن کي ملڻ بدران لاڳاپيل کاتن جا عملدار مبينا طور رشوت عيوض صحتمند ماڻهن کي وڪرو ڪري رهيا آهن. معذورن موجب هو پنڻ نٿا چاهين. ڪرسيون ۽ کٽون واڻي پنهنجو گذر بسر ڪري رهيا آهن پر مهانگائي جي دور ۾ گذر بسر مشڪل هئڻ سبب هو معاشي طور بدحال بڻيل آهن. هنن سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته کين معذور ڪوٽا تحت سرڪاري ادارن ۾ نوڪريون ڏئي پريشانين کان بچايو وڃي.