ٺل (ن پ ا) ٺل جي باءِ پاس لڳ تيز رفتار ڪار رستي ويندڙ ستن سالن جي اسد پٽ صابر ڊول کي زوردار ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو ٿڏي تي ڇيڀاٽجي فوت ٿي ويو، جڏهن ته حادثي بعد ڪار ڊرائيور ڪار بيهارڻ بدران فرار ٿي ويو. فوتي نينگر جو لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو.