حيدرآباد ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي مناسبت سان دعا ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ٽڪ ٽاڪرز پاران ريلي

0
102

حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) حيدرآباد ۾ ايڪتا ڏهاڙي جي مناسبت سان دعا ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ٽڪ ٽاڪرز پاران ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ ناريون ۽ نوجوان ثقافتي ويس پهري شريڪ ٿيا

ريلي قاسم آباد جي نسيم نگر چوڪ کان نڪري واڌو واهه روڊ تي پهتي ته نوجوان ۽ نارين قومي گيتن تي جهمريون هنيون جڏهن ته ريلي واڌو واهه روڊ کان پونم چوڪ ۽ شهباز چوڪ کان ٿڌي سڙڪ وارو روڊ وٺي گل سينٽر ۽ ايس ايس پي چوڪ کان ٿي پريس ڪلب پهتي جتي نوجوان ۽ نارين ثقافتي لباس ٽوپين، پٽڪن ۽ اجرڪن جو نماءُ ڪيو جڏهن ته ريلي ۾ ڪار سوار پٽڪا پهري پهتل نوجوان ٽڪ ٽاڪرز شهرين جي نگاهن جو مرڪز بڻيل رهيا

ريلي کي خطاب ڪندي ناليواري گلوڪاره ۽ ٽڪ ٽاڪر دعا ميمڻ چيو ته 3 ڊسمبر تي هو ايڪتا ڏهاڙو ”ٽائيم نيوز“ ۽ ”پنهنجي اخبار“ جي ”اچو ته نئين سنڌ اڏيون“ جي سري هيٺ ملهائيندا

هن چيو ته ريلي جو مقصد قومي عيد جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ لاءِ آگاهي مهم آهي ۽ هو سنڌ واسين کي اپيل ٿا ڪن ته ايڪتا جي ڏينهن نئين سنڌ اڏڻ لاءِ جهر جهنگ ۾ ريليون ڪڍي عوام ۾ شعور اجاگر ڪن جڏهن ته سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي هزارين سال پراڻي ثقافت کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ اجاگر ڪرڻ لاءِ ثقافتي لباس پهري هر سال جيان هن ڀيري ريليون ڪڍي ميڙاڪا منقعد ڪن

هي به پڙهندا

بدين ۾ عورتن پاران پٽڪا ٻڌي ايڪتا ريلي، سنڌي گيتن جي گونجار، ثقافت سان محبت جو اظهار