حيدرآباد: سي آءِ اي پوليس جي هٽڙي باءِ پاس تي ڪارروائي، ڏيڍ ٽن ڀنگ سان ڀريل ٽرڪ هٿ،هڪ ڄڻو گرفتار. سي آءِ اي پوليس ڳجهي اطلاع تي هٽڙي باءِ پاس وٽ هڪ ٽرڪ کي روڪي تلاشي ورتي ته ٽرڪ ۾ ڀنگ پيل هئي. ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي هٽڙي ٿاڻي منتقل ڪيو ويو جتي ٽرڪ ۾ موجود هڪ شخص محمد اصغر کان پڇا ڳاڇا ڪئي جنهن ٻڌايو ته ٽرڪ ۾ ڏيڍ ٽن ڀنگ پيل آهي.