ڪراچي: (بيورو رپورٽ ) سنڌ جي صحت کاتي جي سيڪريٽري ۽ ڊي جي پاران چيف سيڪريٽري جا اختيار استعمال ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، 19هين گريڊ جي ڊاڪٽرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪرڻ توڙي مقرري ۽ بدلي جا آرڊر پڻ جاري ڪيا ويا، ڊي جي هيلٿ تعلقي اسپتال مانجهند ۾ مقرر ٿيل 19هين گريڊ جي ايم ايس ڊاڪٽر نورالله لاڙڪ کي معطل ڪري ڇڏيو، سيڪريٽري هيلٿ وري ڊاڪٽر نظير سولنگي کي حيدرآباد کان بدلي ڪري مانجهند اسپتال ۾ ايم ايس مقرر ڪري نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، سيڪريٽري هيلٿ عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪندي خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي 17هين گريڊ جي ڊاڪٽر عامر علي قريشي کي سول اسپتال ڪراچي ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي…..