واشنگٽن(دلچسپ نيوز) ڪار جي هيٺان نڪتل واڳون ڊائناسور قرار ڏنو ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ واڳون هٿ آيو. ٽيمپا شهر ۾ اهو واڳون پارڪ ڪيل ڪار هيٺان نڪتو هو، واڳون جي وڊيو وائرل ٿيڻ بعد صارفين دلچسپ تبصرا ڪيا، ڪجهه صارفين ان کي واڳون بدران ڊائنا سورقرارڏئي ڇڏيو. واضح رهي ته آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ ان قسم جا واقعا عام ٿي چڪا آهن ان کان اڳ گالف جي ميدان ۽ ڪيترائي ڀيرا روڊ تي واڳون ڏٺا ويا آهن.