نيويارڪ(دلچسپ نيوز) کنوڻ ڪرڻ سبب وڻ سڙي رک ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست وسڪونسن ۾ اسڪول ٻاهران وڻ تي کنوڻ ڪري پئي، کنوڻ ڪرڻ سبب صوفن جو وڻ سڙي تباهه ٿي مٽي جو ڍير بڻجي ويو، اسڪول جي انتظاميا موجب وڻ مٿان کنوڻ ڪرڻ وقت گريڊ 8 ۽ 9 جا شاگرد ٽيسٽ ڏئي رهيا هئا، کنوڻ ڪرڻ وقت وڏو ڌماڪو ٿيو جنهن سبب شاگرد خوف ۾ وٺجي ويا. پرنسپل جو چوڻ هو ته ڪنهن به قسم جو جاني نقصان نه ٿيو. جڏهن ته کنوڻ ڪرڻ واري وقعي جي وڊيو وائرل ٿي وئي.