ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ موٽرسائيڪل بم هٿ، بي ڊي ايس ٽيم پهچي بم کي ناڪاره بڻايو، هڪ شڪي گرفتار، طارق روڊ تي لبرٽي چوڪ وٽ شڪي موٽرسائيڪل جي اطلاع تي پوليس جي وڏي نفري پهچي وئي، حفاظتي انتظامن تحت روڊ کي بند ڪيو ويو، بي ڊي ايس ٽيم کي طلب ڪيو ويو، جنهن پهچي بم ناڪاره بڻايو. پوليس موجب بم موٽرسائيڪل جي ٽول باڪس ۾ نصب ڪيو ويو هو، بم ريموٽ ڪنٽرول هو، هڪ شڪي کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي