حيدرآباد عدالت پاران اڳوڻو شيٽ ڪلارڪ ٻيهر جسماني رمانڊ تي نيب حوالي

0
170
کنڀي گم ڪيل سرويچ
Hyd court

حيدرآباد(ن پ ا)  احتساب عدالت نيب هٿان 10 ڏينهن اڳ گرفتار ڊي آءِ جي حيدرآباد آفيس جي اڳوڻي شيٽ ڪلارڪ کي ٻيهر 4 سيپٽمبر تائين جسماني رمانڊ تي نيب ڪراچي حوالي ڪري ڇڏيو.

گرفتار شيٽ ڪلارڪ جي وڪيلن عدالت کي استدعا ڪئي ته غلام حسين ميمڻ کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو وڃي، پر عدالت سندن درخواست رد ڪندي جوابدار کي نيب تحويل ۾ رکڻ جو حڪم ڏيندي 9 ڏينهن بعد ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

نيب حيدرآباد جي ٽيم هالا مان 16 اگسٽ تي شيٽ ڪلارڪ غلام حسين عرف نگر ميمڻ کي گرفتار ڪري حيدرآباد منتقل ڪيو هو.