ڪراچي(نمائندن وٽان) اسڪول بند هئڻ خلاف مختلف شهرن ۾ شاگرد تنظيمن ۽ سياسي سماجي پارٽين پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ پيارو اسٽيشن پاٽ شريف ۾ اسڪول به کولڻ خلاف دادو رابطا ڪاميٽي سول سوسائيٽي پاٽ پاران مختيار برهماڻي، تنوير پاٽائي، خيرل خاصخيلي، فدا ملاح ،آفتاب برهماڻي، سميت شهر جي اسڪولن جي شاگردن ۽ والدين ريلي ڪڍي. نئون ڪوٽ سنڌ اسٽوڊنٽ ڪائونسل جي سڏ تي شاگردن احسان سومرو، منظور سومرو، قمر ڪاشف، اڪبر آزاد عبدالقادر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو. ڪنري ۾ سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل ۽ جسقم پاران مسرور گشڪوري، رمضان خاصخيلي، شاھد گشڪوري، لالجي ڪولھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ٽنڊوآدم ۾ سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل پاران اسڪولن جي بند ڪرڻ واري فيصلي خلاف شاگردن فيضان سومرو، محسن بهڻ، وقار برهماڻي ۽ ٻين پاران مظاهرو ڪيو ويو. نوشهروفيروز ۾سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل جي سڏ تي شاگردن ۽ سول سوسائٽي پاران نور راڄپر ايڊووڪيٽ، عبدالستار ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. سڪرنڊ ۾ اياز پرھيار، سرفراز گبول، مالڪ جلباڻي جي اڳواڻي ۾ نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مقصودو رند ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن باسط علي رند، احسان علي رند، زاھد حسين، غلام رسول رند، سڪندر ۽ ٻين پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. حيدرآباد ۾ سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل جي سڏ تي شاگردن پاران ڪورونا وائرس جي آڙ ۾ تعليمي ادارا بند رکڻ واري سنڌ دشمن فيصلي خلاف حيدرآباد سميت مختلف علائقن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ پرويز سنڌو، شهزاد چانڊيو، اياز مهيري، حميرا سمون، فائق ملڪ ۽ ٻين اولڊ ڪئمپس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب سامهون مظاهرو ڪيو. مظاهري دوران اڳواڻن چيو ته بهتر ۽ معياري تعليم ئي هر قوم جي خوشحالي جي ضامن هوندي آهي. ترقي يافته سماج وڌ کان وڌ ان سوچ ۽ لوچ ۾ آهن ته ڪيئن پنهنجي تعليمي نظام کي بهتر کان بهتر ڪجي جنهن لاءِ هو نت نون طريقن جو استعمال ڪندي پنهنجي تعليمي سرشتي ۾ اهڙا منفرد لاڙا متعارف ڪرائي رهيا آهن جن سان سندن شاگرد طبقو جديد سائنسي علم سان روشناس ٿي پنهنجي قوم جي روشن مستقبل لاءِ بهتر ڪردار ادا ڪري سگهي پر تازو ڪورونا جي آڙ ۾ سنڌ سرڪار تعليم بهتر بنائڻ بدران تعليم دشمن فيصلا ورتا آهن جن جو مقصد سنڌي قوم کي تعليم جهڙي بنيادي انساني حق کان محروم رکڻ آهي. هنن چيو ته سنڌ جي عوام تعليمي عمل وڌيڪ دير بند رکڻ جي حامي نه آهي جنهن لاءِ گذريل چئن ڏينهن کان لڳاتار سراپا احتجاج بڻيل آهي ته فوري طور تي تعليمي ادارا کوليا وڃن پر سنڌ سرڪار ٻيهر 30 آگسٽ تي تعليم ادارا کولڻ جو اعلان ڪيو آهي. هنن مطالبو ڪيوته هاڻي وڌيڪ دير برداشت نه ڪئي ويندي. وڏو وزير پنهنجي اعلان مطابق 30 آگسٽ تي تعليمي ادارا کولي ٻي صورت ۾ احتجاج جو رخ ڪراچي ڏانهن هوندو.