لنڊن(م ڊ) يورپي يونين پاران پاڪستان کي جي ايس پي پلس جو درجو ملڻ بعد پاڪستان جي يورپي يونين ي پاڪستان جي روانگي واپار ۾ 64 سيڪڙو اضافو ٿيو. پاڪستان جي اقتصادي سروي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جي ايس پي پلس جو درجو ملڻ بعد پاڪستان جي ايڪسپورٽ ۾ سوين ڪروڙن جو اضافو ٿيو. 2014-2013ع ۾ پاڪستان جي ايڪسپورٽ 11 ارب 96 ڪروڙ 5 لک 90 هزار ڊالر هئي جيڪا 19-2018ع ۾ 14 ارب 15 ڪروڙ 82 لک 90 هزار ڊالن تائين وڃي پهتي. پاڪستان يورپي يونين کي آمريڪا کان ٻيڻو ۽ چين کان ٽيڻو وڌيڪ سامان وڪرو ڪندو آهي.