لنڊن(م ڊ) يورپي پارليامينٽ پاران پاڪستان جو جنرلائيزڊ اسڪيم آف پرفيرنس جي ايس پي پلس جو درجو ختم ڪرڻ واري قراردا پاس ٿيڻ بعد ان جا پاڪستان تي ڪهڙا اثر پوندا ان باري معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته درجو کسجڻ تي پاڪستان کي معاشي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو. معاشي ماهر ڊاڪٽر قيصر بنگالي بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته 1997ع کانپوءِ پاڪستان جي رياست جي اندروني نوعيت بدلجندي وئي ۽ جيڪا مذهبي انتهاپسندي وڌائي وئي اها هاڻ نصاب کان وٺي هر طرف نظر اچي رهي آهي. پاليل نانگ هاڻ ڏنگي رهيا آهن، هاڻ اسان کي پنهنجو قبلو درست ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ گهر جي صفائي جو وقت اچي ويو آهي، نه ته پاڪستان کي سفارتي، سياسي ۽ معاشي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو. هن چيو ته جهڙي ريت تحريڪ لبيڪ کي رات پيٽ ۾ ٺاهي قوم تي ٿاڦيو ويو اهو سڀني جي سامهون آهي. هن چيو ته جي ايس پي پلس جو درجو واپس ورتو ويو ته معيشت کي وڏو لوڏو ايندو، موجوده پاليسين سان پاڪستان دنيا ۾ اڪيلو ٿي ويندو ۽ معيشت به وڌيڪ خراب ٿيندي. سينئر صحافي ۽ تجزياڪار ايم ضياءُ الدين چيو ته مذهبي انتهاپسندي جي ڪري حڪومت توهين رسالت قانون ۾ ڪا به ترميم ڪري نه سگهندي، عمران خان جي حڪومت ايتري ڪمزور آهي جو ڪو قانوني سڌارو نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته حڪومت جو ٽي ايل پي سان ڪيل ٺاهه درست نه هو. ان سڄي معاملي ۾ فوج جي ڪردار تي فوج خاموش آهي هو نه پيا ڳالهائين. لڳي ٿو ته فوج کليل نموني حڪومت جو ساٿ نه پئي ڏئي ۽ انهن عنصرن کي شٽ اپ ڪال ڏيڻ کان پاسو ڪري رهي آهي.