جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالغني کوسو) جيڪب آباد جي جاگير واري علائقي ۾ 6 اهلڪارن جي شهادت ۾ ملوث ڌاڙيل مٺو شاهه جو پيءُ اوستا محمد پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويو، هڪ پوليس اهلڪار زخمي، اوستا محمد پوليس موجب ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، جنهن ۾ ڌاڙيل مٺو شاهه جو پيءُ معشوق شاهه مارجي ويو، جڏهن ته پوليس اهلڪار انتظار علي زخمي ٿي پيو، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي اوستا محمد حسنين اقبال ٻڌايو ته پوليس مقابلي ۾ ڌاڙيل مٺو شاهه جو پيءُ معشوق شاهه مارجي ويو آهي، مارجي ويل ڏوهاري وٽان ڪلاشنڪوف هٿ ڪئي وئي آهي، زخمي اهلڪار کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، ياد رهي ته 25 اپريل تي اوستا محمد جي واپاري اسلم سومرو جي پٽ فرقان سومرو کي اغوا ڪري جيڪب آباد جي جاگير ۾ رکيو ويو هو جنهن جي بازيابي لاءِ پويان ايندڙ پوليس اهلڪارن تي ڌاڙيلن حملو ڪري 6 اهلڪارن طيب عمراڻي ۽ ٻين کي شهيد ڪري ڇڏيو هو، بعد ۾ مغوي فرقان سومرو جي بازيابي لاءِ سنڌ ۽ بلوچستان پوليس جاگير جي علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف سرچ آپريشن ڪري عورتون پڻ تحويل ۾ ورتيون هيون، جنهن کانپوءِ ڌاڙيل مٺو شاهه جي ٽولي ٻن پوليس اهلڪارن شمس الدين کوسو ۽ نورالدين ڀٽي کي اغوا ڪري سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ڪئي هئي، جنهن ۾ هنن عورتن کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو، جنهن کانپوءِ پوليس مٺو شاهه ٽولي جي عورتن کي آزاد ڪري ٻنهي اهلڪارن کي بازياب ڪرايو هو، جڏهن ته مغوي فرقان سومرو جي بازيابي 12 ڏينهن کانپوءِ 8 مئي تي ٿي هئي، پوليس مقابلي ۾ مغوي کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي هئي پر علائقي ۾ چوٻول هئا ته مغوي 4 ڪروڙ ڀنگ ڀري بازياب ٿيو آهي.