ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور پوليس ڏيڍ مھينو اڳ اغوا ٿي ويل پنجاب جي شيخو پورا واسي مغوي ظفر علي ملڪ کي مبينا مقابلي ۾ بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ان ڏس ۾ جنگڻ ٿاڻي جي پوليس ڪچي ۾ ڪارروائي ڪري نغوي کي بازياب ڪرايو، پوليس موجب ڌاڙيل مغوي کي ھڪ ھنڌ کان  ٻئي ھنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن دوران مقابلي بعد مغوي کي بازياب ڪرايو ويو، پوليس موجب ڏيڍ مھينو اڳ پنجاب جي شيخو پورا واسي ظفر ملڪ کي ڌاڙيلن اغوا ڪيو هو، ھلندڙ آپريشن ۽ ڏوھارين جو گھيرو تنگ ھئڻ ڪري مغوي کي ھڪ ھنڌ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪيو پئي ويو ته کيس بازياب ڪرايو ويو.