ڪراچي(م ڊ) عمران خان جي آزادي واري حڪم تي سندس اڳوڻي گهرواري ريحام خان جو رد عمل سامهون آيو آهي.  سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي هڪ عورت صحافڻ جي ٽوئيٽ تي جواب ڏيندي هن لکيو ته ” حراست ۾ هڪ رات جي اندر صحت  ڊرامائي طور بهتر ٿي وئي، اها صورتحال سندس طبي معائنو ڪندڙ ٽيم لاءِ ٺيڪ ناهي. واضح رهي ته نو مئي تي عمران خان کي نيب ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي احاطي مان گرفتار ڪيو ويو هو. اڄ سُپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري کي غيرقانوني قرار ڏيندي کيس تُرت آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ عمران خان کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان ٻيهر رابطو ڪرڻ جو چيو.