جوهي (ن پ ا) جوهي لڳ ڳوٺ مٺو خان مستوئي ۾ مستوئي برادري جي ٻن ڌُرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران گوليون لڳڻ سبب محمد اسماعيل مستوئي ولد محمد بچل زخمي ٿي پيو، زخمي کي تعلقي اسپتال جوهي پهچايو ويو جتان کيس دادو منقل ڪيو ويو، چيو پيو وڃي ته ڌُرين وچ ۾ سڱاوتي معاملي تان تڪرار هلندڙ آهي. ٻئي طرف جوهي ٿاڻي تي زخمي اسماعيل مستوئي پاڻ مٿان حملي جو ڪيس سڄڻ مستوئي، مبين، مجيد ۽ محمد مستوئي سميت 6 ڄڻن خلاف داخل ڪرايو آهي.