خليفو قاسم (ن پ ا) ٽنڊوباگو لڳ ڏيئي ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ عثمان ٿيٻو جي رھواسڻ مسمات سڪينا زال ساجد ميڊيا اڳيان احتجاج ڪندي الزام هڻندي چيو ته ڳوٺ جا بااثر ۽ ڏيئي ٿاڻي جو اي ايس آءِ رات جو گهر ۾ گهڙي تشدد ڪري منهنجا سونا زيور ڦري ويا آهن، هن چيو ته مڙس مزدوري لاءِ گهر کان ٻاهر ھوندو آھي،ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي طرف ايس ايچ او بشير احمد چانڊيو ٻڌايو ته پوليس ٽيم عورت سڪينا جو بيان وٺڻ لاءِ ڳوٺ عثمان ٿيٻو ڏانهن رواني ڪئي آهي، مامري جي جاچ ڪيون پيا.