جهول (ن پ ا) جھول پوليس روڊ بلاڪ ڪرڻ پوليس سان وڙهڻ ۽ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ واري ڪيس ۾ ٽن ڄڻن اصغر ڪنڍاڻي، عبدالڪريم ڪنڍاڻي ۽ لکمير بروهي کي گرفتار ڪري ورتو جن کي بعد ۾ سول جج سانگهڙ ٽي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتي جوابدارن جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد ڪورٽ سڳوري ٽنهي جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.