ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ويجهو دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ رئيس مينگل چاچڙ ۾ هٿياربندن هٿان مارجي ويل 9 ڄڻن جو ڪيس 35 ڄڻن مٿان داخل ٿيڻ باوجود پوليس ڪنهن هڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي، جنهن ڪري وارثن ۾ مايوسي ڇانيل آهي، وارثن شاهمراد چاچڙ ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته پوليس حملي آورن سان مليل آهي، جنهن ڪري هن وقت تائين ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي، هنن چيو ته پوليس قبائلي رتوڇاڻ ڪرائڻ چاهي ٿي، جنهن ڪري هٿ تي هٿ رکي تماشو ڏسي رهي آهي. هوڏانهن مقتولن جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي، ڪالهه ڄام سيف الله ڌاريجو، شهريار شر ۽ ٻين تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي. ان موقعي تي هنن ڳالهائيندي چيو ته پوليس جي نااهلي سبب قبائلي تڪرارن ۾ واڌ آئي آهي، هنن چيو ته پوليس جيڪڏهن ڏوهاري قسم جي ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري ته قبائلي تڪرارن تي ضابطو اچي سگهي ٿو.