گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي جي بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس گشت دوران پنجو باغ روڊ وٽان ٽن قتل ڪيسن ۾ گهربل مک جوابدار قاسم گهوٽو کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار ڪيل جوابدار قاسم گهوٽو مٿان گيمڙو ٿاڻي تي ڀيري برادري جي ٽن ڄڻن جو قتل ڪيس داخل ٿيل آهي، جنهن ۾ هو پوليس کي گهربل هو.