لاهور (م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت صلاحڪار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته جهانگير ترين پي ٽي آءِ خاندان جو حصو آهي، ناراضگيون ٿينديون رهنديون آهن. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪنهن سان به ناانصافي ٿيڻ نه ڏيندو ۽ نه وري حڪومتي ڇٽي هيٺ ڪنهن کي رليف ڏيندو. هن چيو ته جهانگير ترين به تحريڪ انصاف خاندان جو حصو آهي، خاندان ۾ ناراضگيون ٿينديون رهنديون آهن، ٻئي طرف فردوس عاشق اعواڻ گوجرانوالا ۾ موٽرسائيڪل رڪشا هلايو.