اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ دهشتگردي ۽ نفرت وارو مواد پکيڙيندڙ 19 هزار سوشل ميڊيا اڪائونٽس بند ڪيا ويا، نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (نيڪٽا) موجب دهشتگردي ۽ نفرت وارو مواد پکيڙيندڙ 19 هزار 727 سوشل ميڊيا اڪائونٽس بند ڪيا ويا آهن. نيڪٽا موجب فيس بوڪ، ٽوئيٽر ۽ گوگل جا اڪائونٽس بند ڪيا ويا آهن، نيڪٽا موجب 9 هزار 633 پيجز مذهبي نفرت پکيڙي رهيا هئا جڏهن ته 10 هزار 94 سوشل ميڊيا اڪائونٽس دهشتگردي کي هٿي ڏئي رهيا هئا، نيڪٽا جو چوڻ آهي ته دهشتگردي بابت مواد پکيڙيندڙ 5 ويب سائيٽس کي به بلاڪ ڪيو ويو آهي، سماجي رابطن جي ادارن اهي اڪائونٽس پي ٽي اي جي درخواست تي بند ڪيا، نيڪٽا موجب 2020ع ۾ سماجي رابطن جي ادارن کي 24 هزار 38 شڪايتون ڪيون ويون هيون.