اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي فوڊ سيڪيورٽي مامرن بابت خصوصي معاون جمشيد اقبال چيما چيو آهي ته بلاول ڀٽو صرف وزيراعظم عمران خان جي بغض ۾ زراعت جي شعبي جي حوالي سان منفي پروپيگنڊا ڪري رهيو آهي، هن سال هارين کي 5 وڏن فصلن ۾ 2708 ارب رپيا مليا، جيڪي 2018ع ۾ هارين جي آمدني کان 680 ارب رپيا وڌيڪ آهن، توهان جي ڪرپشن جي حصيدار نواز شريف جي آخري سال 2018ع ۾ هارين کي صرف 2079 ارب رپيا مليا هئا، موجود دور ۾ 5 فصلن ۽ کير جي آمدني تي هارين کي مجموعي طور تي 11سئو ارب وڌيڪ مليا، هن سال پاڪستان جي هارين کي ڪڻڪ جي فصل تي لڳ ڀڳ 500 ارب رپيا اضافي ملڻ جو اندازو آهي، هاري اسان جي پهرين ترجيح آهن، کين عالمي مارڪيٽ مطابق ڪڻڪ جي قيمت ملي رهي آهي، جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو آهي ته هارين کان 1800 رپيا في مڻ ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي قيمت مقرر ڪئي وئي، پرڏيهه مان ايندڙ ڪڻڪ جي مڻ جي قيمت به 1800 رپيا ئي ٿئي ٿي، هاري ڄاڻين ٿا ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جي في مڻ جي 2000 رپيا قيمت پنهنجي کانچي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي، سنڌ ۾ خوراڪ کاتو هارين کان 150 رپيا في ٻوري تي بارداني طور وصول ڪري رهيو آهي جيڪا رقم توهان جي کيسي ۾ ويندي، هن چيو ته کنڊ جو بحران به توهان جي سرپرستي ۾ مافيائن پيدا ڪيو، بلاول صاحب توهان ۽ توهان جي انڪل نواز شريف جون ملون اڄ به هارين جون اربين رپين جون باقيدار آهن.