جعلي استادن جي نالي ۾31 ڪروڙن جو فراڊ : 11 ٽي اي اوز۽ هيڊماسترن خلاف جاچ جو حڪم

0
280
جعلي استادن جي نالي ۾31 ڪروڙن جو فراڊ : 11 ٽي اي اوز۽ هيڊماسترن خلاف جاچ جو حڪم
جعلي استادن جي نالي ۾31 ڪروڙن جو فراڊ : 11 ٽي اي اوز۽ هيڊماسترن خلاف جاچ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ناڻي کاتي اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي ڊي ڊي او پاور رکندڙ 11 ٽي اي اوز ۽ ھيڊ ماسترن پاران جعلي استادن جي نالي ۾ 30 ڪروڙ 92 لکن جي رقم ڪڍرائڻ جو نوٽيس وٺي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو

جنهن بعد تعليم کاتي جي سيڪريٽري ڊائريڪٽر اسڪولز کي ملوث آفيسرن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ بعد انڪوائري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ڊائريڪٽر کي اها هدايت به ڪئي وئي آهي ته رپورٽ ۾ ٽرانزيڪشن جون رسيدون، بل ۽ بينڪ اسٽيٽمينٽ پڻ شامل ڪيون وڃن

ناڻي کاتي جي ذريعن موجب جعلي استادن ۽ ملازمن جمشيد ميمڻ، رياض احمد، علي اصغر، مس روبينا، مس عائشا، مس نيئر سلطانه، مڪيش ڪمار، ڪرشن گوپال، مس ثمينه ۽ فرزانه جي نالي تي رقمو ن ڪڍرايون ويون

واضح رهي ته ڊي ڊي او پاور رکندڙ جمشيد ٽائون جو ٽي اي او (سيڪنڊري)  ذاڪر ڀرڳڙي، گلشن ٽائون جو ٽي اي او (سيڪنڊري) محمد يامين،  ملير جو ٽي اي او (سيڪنڊري) نجم چنا، لياري جو ٽي اي او (سيڪنڊري)  ۽ 2 سيڪنڊري اسڪولن جا ھيڊ ماستر راڊار هيٺ اچي ويا آهن