اوسلو (م ڊ) ناروي جي پارليامينٽ ۾ فلسطين کي آزاد رياست تسليم ڪرڻ جي قرارداد منظور ڪئي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب يورپي يونين جي اهم رڪن ملڪ ناروي جي پارليامينٽ ۾ فلسطين کي آزاد رياست تسليم ڪرڻ جي قراداد پيش ڪئي وئي. پارليامينٽ ۾ موجود 10 مان 8 پارٽين قرارداد جي حق ۾ ووٽ ڏنو. منظور ٿيل قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته ناروي جي حڪومت فلسطين کي آزاد رياست تسليم ڪري. يورپ جي ٻين ملڪن آئس لينڊ، سويڊن، پولينڊ، چيڪ ريپبلڪ ۽ رومانيا فلسطين کي آزاد رياست تسليم ڪري چڪا آهن، جڏهن ته اسپين ۽ بيلجيم به فلسطين کي آزاد رياست تسليم ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهن.