سان فرانسسڪو(م ڊ) دنيا جي امير ترين شخص ۽ ايڪس (ٽوئيٽر) جي مالڪ ايلون مسڪ فلسطينين جي حق م پوسٽ ڪندڙن جو اڪائونٽ معطل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي بيان ۾ ايلون مسڪ چيو آهي ته جيڪو به ايڪس تي فلسطنين جو مقبول نعرو “ دريا کان سمنڊ تائي” يا “نو آباديات جو خاتمو” لکندو، ان جو اڪائونٽ معطل ڪيو ويندو. هن دعويٰ ڪئي ته انهن ٻنهي جملن جو اشارو يهودين جي نسل ڪشي ڏانهن آهي، ان ڪري ڪنهن کي اهي استعمال ڪرڻ جي اجازت نٿيڏئي سگھجي.