جديد دور جي ابن بطوطه جي سنڌ ياترا

0
97
جديد دور جي ابن بطوطه جي سنڌ ياترا

 مستنصر حسين تارڙ جو اردو ۾ لکيل ڪتاب “اور سنڌ بهتا رها” سندس سنڌ ياترا تي مبني آهي. انهيءَ ڪتاب لاءِ جڳ مشهور نالي واري سنڌ جي اديب حسن مجتبا لکيو آهي ته ڪتاب جي نيويارڪ پبلڪ لائبريري ۾ ڳولا ڪندي، مون کي تعجب ٿيو ته اهو ڪتاب “عام پڙهندڙ ڪتابن” (General Reading Books)  واري شعبي جي بجاءِ تحقيقي ڪتابن (Research books) واري شعبي ۾ نظر آيو. ليکڪ پنهنجي سنڌ ياترا جي شروعات سکر هوائي اڏي تي لهڻ سان ڪئي. اها رات هن ڪنڊياري ۾ گذاري. ڪنڊياري ۾ زبير نالي هڪ اسڪول جي استاد سان ملاقات ٿي ۽ جڏهن هن سندس ۽ عبدالله حسين جي ناولن تي ڳالهائڻ شروع ڪيو ته هو لکي ٿو ته مونکي مظهر الاسلام جي ڳالهه ياد اچي وئي، جيڪو چوندو آهي ته سنڌي ماڻهو ملڪ جي ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ اسانکي وڌيڪ پڙهي ۽ سمجهي ٿو.

                 سنڌ ياترا جي شروعات ۾ هو ڪنڊياري ويجهو ڳوٺ تنيو بقا شاهه ۾ صوفي مشتاق تنيي سان ملاقات سان ڪري ٿو. صوفي مشتاق جنهن 1988ع ۾ شيطان جو عرس ملهايو هو. صوفي مشتاق سان ٿيل ڪچهري متعلق لکيو اٿس ته جيڪڏهن صوفي مشتاق سنڌ کان ٻاهر هجي ها ته هن جي ڳالهين جي ڪري اڄ منهنجي ملاقات لاءِ جيئرو نه هجي ها. هو سنڌ جي رواداري کان ڏاڍو متاثر ٿيو. اهو به لکيو اٿس ته صوفي مشتاق جون ڳالهيون جيڪڏهن آئون ڪتاب ۾ لکان ته ملڪ ۾ مذهبي هنگاما شروع ٿي سگهن ٿا.

ان کانپوءِ هو خيرپور ‘فيض محل’ ڏسڻ وڃي ٿو، جيڪو ميرن جي دور حڪومت جو هڪ يادگار محل آهي. ميرن جي هڪ ٻي يادگار مهراڻي ٻيلي لاءِ لکيو اٿس ته اهو شڪار گاهه هو، جيڪو 1790ع ۾ مير علي مراد پهرين ٺهرايو هو. اندازن 50 سال اڳ مير علي مراد ٻيون، ان شڪار گاهه کي ڀت ڏياري شڪار تي بندش وجهي ڇڏي. اڄ اتي هزارين هر قسم جا جانور ۽ پکي ڏسي دل خوش ٿي وڃي ٿي.

سنڌ جي ٽن وڏين درگاهن سچل سرمست، عثمان مروندي قلندر شهباز ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مرقدن تي وڃڻ کانپوءِ لکيو اٿس ته هن کي جيترو سڪون سچل ۽ ڀٽائي جي مزار تي آيو، اوترو قلندر جي مزار تي نه آيو. ان جو سبب شايد سچل ۽ ڀٽائي جو جنم سنڌ جي خوشبودار مٽيءَ تي ٿيو، چئي سگهجي ٿو. مزارن تي ايندڙ سوين سائلن کي ڏسي پريشان ٿئي ٿو ۽ سوچي ٿو ته هتي ايترا ماڻهو ڇو ٿا اچن. ان جو جواب پاڻ ٿورن لفظن ۾ تمام سٺي انداز ۾ ڏنو اٿس. لکيو اٿس ته، جنهن سماج  ۾ انصاف نه هجي، برابري جو ڪو تصور نه هجي، ڏکن جو ڪو درمان نه هجي ته پوءِ خلق خدا انهن ڏانهن وڃي ٿي، جن جون قبرون زندهه آهن. ان کان پهرين جڏهن موهن جو دڙو ڏسڻ وڃي ٿو ته هو پراڻن آثارن کي ڏسي خيالن ۾ گم ٿي وڃي ٿو. اتي هن کي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ياد اچي ٿو. ڪامريڊ سوڀو جڏهن ٽيگور جي شانتي نڪيتن ۾ پڙهڻ ويو هو ته پهرين ملاقات ۾ ٽيگور جي پڇڻ تي هن ٻڌايو ته هو لاڙڪاڻي سنڌ کان آيو آهي. ان تي ٽيگور چيو ته “موهن جي دڙي جو ماڻهو”(Man from Mohen-jo-Daro)  ائين شانتي نڪيتن ۾ سڀئي ان کي انهيءَ نالي سان ياد ڪندا هئا. سوڀي لاءِ لکيو اٿس ته هو چوي ٿو ته منهنجا ٽي ڏوهه آهن. هڪ ته آئون هندو، ٻيو سنڌي ۽ ٽيون ڪميونسٽ آهيان. موهن جي دڙي جي آثارن ۾ هو خيالي دنيا ۾ 3000 سال پوئتي هليو وڃي ٿو ۽ ڏسي ٿو ته ان وقت سنڌ ڪيتري نه خوشحال هئي. ان جي شهر جي رستن گهٽين، پاڻي جي نيڪال جي سرشتي کي ڏسي پريشان ٿي وڃي ٿو ته اڄ کان ٽي هزار سال پهرين سنڌ جا ماڻهو ايترا سڌريل ۽ ترقي يافته هئا. هو پاڻ کي “موهن جي دڙي جو ماڻهو” سمجهڻ لڳي ٿو. موجوده وقت ۾ ڀيٽ ڪندي لاڙڪاڻي جي خراب حالت کي ڏسي بي اختيار لاڙڪاڻي کي “مئلن جو شهر” ۽ موهن جي دڙي کي “جيئرن جو شهر” سڏي ٿو. لاڙڪاڻي اچڻ ۽ ليکڪ جو ڪامريڊ سوبي سان نه ملڻ هڪ ڳهجارت آهي. جيئن ته سنڌ ياترا جو سال ڄاڻايل نه آهي، انهيءَ ڪري اهو سمجهڻ ته ان وقت ڪامريڊ حيات هو يا نه، يا وري ليکڪ هن سال ملڻ کان لهرائي ويو. نه رڳو ايترو پر سنڌ جي ڪنهن به علمي ادبي شخصيت سان هو نٿو ملي.

سنڌ جو ٿر ڏسڻ امرڪوٽ کان شروع ڪري ٿو. امرڪوٽ يا عمرڪوٽ، انهيءَ ڳالهه جو فيصلو نه ڪري سگهيو آهي. حقيقت ۾ اهو امرڪوٽ آهي. رائچند هريجن. تاريخ ريگستان ۾ لکيو آهي ته ڇهين عيسوي صديءَ ڌاري اتي پرمارن جي حڪومت هئي، امر ڪوٽ جي راجا سموڍ پنهنجي ڌيءَ جي شادي لاريءَ پونگل جي راجا ڏم راءِ سان ڪرائي هئي. سومرن جي سنڌ تي حڪومت جو عرصو 1000ع کان 1350ع آهي. ان مان صاف ظاهر آهي ته اهو قلعو سومرن جي دور حڪومت کان اڳ ۾ موجود هو. امرڪوٽ جيڪو شهنشاهه همايون ۽ حميده بيگم جي پٽ اڪبر جي جنم جو هنڌ آهي، انهيءَ لاءِ لکيو اٿس ته اڪبر، جيڪو پوءِ شهنشاهه اڪبر جي نالي سان مشهور ٿيو، اهو شاهي خاندان جو فرد هئڻ ڪري، انهيءَ ويراني علائقي ۾ ان جو جنم صحيح نه آهي. سنڌ جي تاريخ جي ڪتابن ۾ اها ڳالهه واضح لکيل آهي ته جڏهن همايون، پٺاڻن کان شڪست کائي امرڪوٽ ۾ اچي پناهه ورتي هئي ته ان وقت اڪبر جو جنم ٿيو هو. اسانجي غير سنڌي دانشورن جو اهو الميو آهي ته اهي دنيا جي تاريخ ۽ ادب جي  جيتري ڄاڻ رکن ٿا، ان جي ڪنهن حصي جيتري به سنڌ جي تاريخ ۽ ادب جي ڄاڻ نٿا رکن. شايد اهو سندن احساس برتري آهي، جيڪا هنن کي سنڌين جي ويجهو اچڻ نٿي ڏي.

سنڌ ياترا دوران ٿر جي هر انهيءَ ماڳ مڪان تي ويو آهي، جنهن جي هن سان نشاندهي ڪئي وئي آهي. ٿر ۾ مورن جو ذڪر ڪندي لکيو اٿس ته اسان گوشت خور آهيون، انهيءَ ڪري مور هتي گهٽ ٿا نظر اچن، ان جي مقابلي ۾ هندستان ۾ شڪار تي بندش هئڻ ڪري اتي سورن جي گهڻائي آهي. هن جا اهي لفظ ڏاڍا معنى خيز آهن ته اسانجا مور لڏي هندستان هليا ويا آهن ۽ اتان سور وري اسان جي پاسي اچي ويا آهن.

ٿر ۾ هو جتي ڀوڏيسر مسجد ڏسڻ ويو آهي، اتي هندن ۽ جين مت وارن جي مندرن تي پڻ ويو آهي. مسجدن ۾ اڄ به مسلمان وڃن ٿا، هندو پنهنجن مندرن جي سنڀار ڪري ويٺا آهن، پر جين مت جي ڀرندڙ تباهه ٿيندڙ مندرن کي ڏسي ڏکارو ٿي وڃي ٿو. جين مت مذهب لاءِ لکيو اٿس ته ان جا پوئلڳ منهن تي ململ جو ڪپڙو ويڙهي ڇڏيندا هئا، جيئن هوا ۾ موجود ڪي نظر نه ايندڙ جيت ساهه جي وسيلي اندر وڃي مري نه وڃن. جين مت جو پهريون تيرٿ اشبهه ديو ۽ آخري تيرٿ مهاوير چيو وڃي ٿو. مهاوير 527 ق-م ۾ نروان حاصل ڪيو. ننگر پارڪر جي هڪ صبح جو ذڪر ڪندي هن لکيو آهي ته سج هندن، مسلمانن ۽ جين مت جي عبادت گاهن تي  هڪ ئي وقت اڀري ٿو ۽ ان جي روشني سڀني تي هڪجهڙي پوي ٿي. شايد مڪمل انسانيت هتي ئي آهي.

ڪتاب ۾ ٻن هنڌن تي ليکڪ ٿاٻڙيو آهي، هڪ ان هنڌ جڏهن ننگر پارڪر ۾ هن جا همسفر جميل ۽ ڪامران سوير شو جي مندر وڃن ٿا، اتي لنگ تي گل چاڙهي ۽ ان جو نياز وٺي کائين ٿا. اهو ٻڌي هو هنن تي ناراض ٿئي ٿو ۽ چوي ٿو ته اوهان شرڪ ڪيو آهي. ٻيو ان وقت، جڏهن هو سنڌ ياترا جي آخر ۾ ڪراچي ادبي ميلي ۾ سندس ڪتاب “لاہور سي يارقند” جي مهورتي تقريب ۾ تقرير ڪندي چوي ٿو ته “ڪراچي صرف پاڪستان نه آهي پر ان جي ٻي پار قديم ثقافتن جي رکوال، روادار ۽ درويش صفت سنڌ جي سرزمين آهي، اها پاڪستان آهي”. هتي وري اهو ڪراچي ۽ سنڌ جو مسئلو سامهون اچي ٿو. اسان جي غير سنڌي دانشورن جو اهو الميو آهي جو هو ذهني طرح سنڌ ۽ ڪراچي کي الڳ سمجهن ٿا. مجموعي طرح سنڌ ياترا تي ۽ خاص ڪري ٿر جي حوالي سان اهو هڪ بهترين ڪتاب آهي. اسان جي نوجوانن کي اهڙا ڪتاب پڙهڻ کپن.

[email protected]