جانورن لاءِ قتل گاھه بڻيل سنڌ

0
90
وحشي ۽ دردناڪ بڻجي ويل سماج

سنڌ صوبو ته ھميشھ پيار محبت امن امان جو گھوارو رھيو آھي جتي ڌرتي ڌڻين ھميشھ ڌارين کي دل ۾ جايون ڏئي رھڻ جي لاءِ پنھنجي گھرن جا دروازا کولي ڇڏيا ھئا پر افسوس جي ڳالھه آهي ته اڄ اھا ئي ساڳي سنڌ انسان ته پري جي ڳالھه آهي پر بي زبان جانورن کي پالڻ بجاءِ انھن جي حفاظت ڪرڻ کان منھن موڙي انھن کي قتل ڪرڻ لڳي آهي. ھڪ انسان پنھنجي کائڻ جي حوس کي پورو ڪرڻ يا وري پنهنجي ٻچن جي پيٽ پالڻ لاءِ بي سمجھه جانورن کي مارڻ لاءِ سنڌ جا محبتي ماڻهو ھاڻ شڪاري بڻجندا پيا وڃن. جنهن صوبي جو ماڻهو محبت ڪندڙ پيار ڏيندڙ شفيق انسان ھو اڄ ان ساڳئي صوبي جو ماڻهو وحشي درندو بڻجي ماڻھن سان گڏ معصوم پکين جو شڪاري بڻجي ويو آهي وڏي ڳالھه ته جنھن ملڪ جو قانون جانورن کي مارڻ لاءِ سزا ڏئي رهيو ھجي يا جانورن جي حفاظت لاءِ سرڪاري سطح تي وائيلڊ لائيف جھڙا کاتا جڙيل ھجن ان ئي ملڪ ۾ جانورن کي مارڻ يقينن جرم ئي آهي پر افسوس ته قانون تي عمل نه ڪرڻ سبب خود قانون جا رکوالا يا قانون پاس ڪندڙ ئي پنھنجن دوستن مھمانن جي دل خوش ڪرڻ لاءِ سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ مھمان پکين سان گڏ ناياب نسل جي جانورن جو شڪار ڪندا رھندا آھن. خاص ڪري سياري جي مند ۾ پرڏيهي مھمانن کي خصوصي دعوتن ۾ گھرائي مھمان پکين سان گڏ جانورن جو شڪار ڪرايو ويندو آهي جنھن جو واضح مثال ڪجھه مھينا اڳ ملير ۾ شڪارين کي شڪار ڪرڻ کان روڪڻ تي تر جي اسيمبلي ميمبرن ھن ڌرتيءَ جي رھواسي مھمان پکين جي رکوالي ناظم جوکيو کي گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو هو پکين جي شڪارين سان مزاحمت سبب  سندس ھمت بھادري کي اڄ به سموري سنڌ ان نوجوان کي سلام پيش ڪري ٿي.

ان سان گڏ جيڪو گذريل ڏينهن ٿرپارڪر ۾ ناياب نسل جي ھرڻن کي مارڻ جو دل کي جھوريندڙ واقعو سامهون آيو آهي جنھن ۾ اجنبي شڪارين شڪار ڪندي ناياب نسل جي ست ھرڻن کي ماري ڇڏيو آهي. ٿرپارڪر جي ان واقعي کانپوءِ مقامي ماڻهو زارو قطار روئي چئي رھيا ھئا ته جن جانورن کي اسان جون نياڻيون نماڻيون پنھنجو کير پياري پالي وڏو ڪن ٿيون اڄ وحشين درندن انھن جانورن کي ماري ڇڏيو آهي اڄ اھي جانور نه پر اسان جي ٻچن کي قتل ڪيو ويو آهي. بلڪل اھو ھڪ ڪڙو سچ آهي ته ٿرپارڪر جي مختلف علائقن ۾ شڪارين جي ظلم کان پوءِ جيڪي ناياب نسل جي ھرڻين جا ٻچا يتيم ٿي ويندا آهن انھن کي پالڻ وڏو ڪرڻ ۾ مقامي مردن سان گڏ عورتن جو وڏو ھٿ آهي جنهن ۾ خاص ڪري عورتون ھرڻين جي ٻچن کي پنھنجو کير پيارينديون آهن. اھڙن واقعن سان يقينن سڄي سنڌ ڇا پر جتي جتي پکين جانورن سان محبت رکندڙ نرم دل انسان ھوندا اھي وڏي صدمي ۾ ورتل ھوندا ڇو ته جانور ڪھڙا به ھجن انھن کي بيدرديءَ سان مارڻ قانوني طرح وڏو جرم آهي پر افسوس ته اسان وٽ قانون نالي ڪا شيءَ نه ھجڻ ڪري پکين سان گڏ جانورن جو شڪار عام ٿي رھيو آھي جيڪو غلط عمل سان گڏ ماڻھن کي وحشي بڻائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري رھيو آھي. وقت جي حڪومتن کي گھرجي ته اھڙن واقعن کي روڪڻ ۾ سنجيدگي جو مظاهرو ڪن نه ته ايندڙ حالتن ۾ اھڙا جانور ڏسڻ کان پري ٿي ويندا. وڏي ڳالھه ته ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت 3 وحشي درندن کي سوگھو ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو پر ان سڄي مسئلي کان تر جي پوليس سان گڏ وائيلڊ لائيف کاتو بي خبر رھيو. ان واقعي مان ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ته شايد اھڙن واقعن کي جنم ڏيڻ ۾ خود وقت جي سرڪار شامل ھوندي ان ڪري ھڪ پاسي خاموشي ٻئي پاسي جانورن سان ايڏو وڏو ظلم جنھن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. اھڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ حڪومتن سان گڏ عدالتن کي سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي جيئن ناياب نسل جا پکي، جانور وحشي درندن جي چال بازين کان محفوظ بڻجي سگھن.

[email protected]