قتل ٿيل ھرڻيون، آليون اکيون ۽ فطرت جا دشمن

0
111
سنڌي-ٻولي-جاڳرتا-مھم-۽-اسان-جون-ذميواري

ٿر فطري حسن جو اوپن ميوزيم سمجھيو وڃي ٿو. ٿر ۾ فطرت جا توهان کي انيڪ رنگ نظر ايندا. ٿر جو تعارف رڳو ڪارونجھر  ڪونهي پرجھنگلي جيوت کي پڻ ٿر جي فطري حسن جو اھڃاڻ سمجھيو وڃي ٿو. ھي ٿرجا ٽؤنڪ، مٿاريون، اُڀا لَڪ، سيمون، گئوچر،  ٽوڀا ۽ ترايون، هي سمورا منظر ٿر جي جمالياتي سونهن جا امين آهن. وسڪاري جي موسم ۾  ته فطرت جا سمورا رنگ ڏسڻ وٽان ھوندا آهن.  ھي منهنجو اھو ٿر آهي جتي جا ماڻهو جھنگلي جيوت سان پيار ڪن ٿا، مورن ھرڻين ۽ ناياب نسل جي جانورن پکين کي  بچائڻ لاءِ پنھنجا وسيلا ڪتب آڻين ٿا. توھان ٿر جي ڳوٺن ۽ سيمن ۾وڃي ڏسو ته اتي توهان کي مور گھرن جي اڱڻ۽ اوٽن تي رقص ڪندي نظر ايندا. ٿر جي سيمن ۾ھرڻ  ڊوڙون پائيندي نظر ايندا. ٿر جا ماڻهو انهن مڙني جانورن ۽ پکين جي لاءِ داڻي پاڻي ۽ کاڌ خوراڪ جو بندوبست پڻ ڪن ٿا، چيلھار جي آس پاس ڳوٺن جن۾ ڀارو جو تڙ رنگيلو لوٻار گوڌيار ڀوريلو ھريار جي سيمن ۾ توھان کي ڪيترائي خوبصورت ھرڻ نظر ايندا،  ھي علائقو گيم سينچري قرار ڏنل آهي.  ھنن سيمن ۾ اڪثر ڳوٺ ٺڪرن ۽ سومرن جا آهن جيڪي جھنگلي جيوت جا رکوالا ۽ فطرت جا عاشق آهن ۽ اھي ھرڻين کي بچائڻ لاءِ پنهنجي وس آھر ڪوششون ڪندا رھن ٿا.

ڪجهه  ڏينهن اڳ ڳوٺ رنگيلو جي سيم ۾ بي رحم شڪارين 8 ناياب نسل جي ھرڻين جو شڪار ڪري انھن کي ذبح ڪري ماري ڇڏيو  چار جولاءِ رات جي پيٽ ۾ اھي شڪاري (فطرت جا دشمن)انھن سيمن ۾ پھچن ٿا ۽ سڄي رات شڪار ڪري جڏهن ھٿياربند شڪاري  واپس فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته انھي سيمن جي آس پاس ڳوٺن جا رھواسي انھن شڪارين جي رستا روڪ ڪن ٿا ۽ مڙسي ڪري انهن شڪارين کي پڪڙين ٿا. ڳوٺاڻن جي مزاحمت اڳيان اھي شڪاري بيوس بڻجي وڃن ٿا انھي ڳوٺ جو نوجوان اتم سنگھه انھن شڪارين اڳيان ڀت بڻجي بيھي رھي ٿو. سلام آهي اتم سنگھه سميت انهن ڳوٺاڻن کي جن مزاحمت ڪري انھن شڪارين کي پڪڙي  قانون جي حوالي ڪيو. ناياب نسل جي ھن شڪار (قتل) جي خبر جڏهن سوشل ميڊيا ۽ ٽي وي چئنلس تي نشر ٿئي ٿي ته  سموري سنڌ جا ماڻھو ڏکارا بڻجي وڃن ٿا. سموري سنڌ جي عام توڙي سول سوسائٽي جي ماڻهن طرفان ھن ھرڻين جي قتل تي ماتم ڪيو وڃي ٿو ۽ ھرڻين جي قتل تي سموري سنڌ ھڪ آواز بڻجي وڃي ٿي. شڪار ٿيل (ذبح ٿيل ) انھن ھرڻين کي جڏهن ڪشمير چوڪ  مٺي تي آندو وڃي ٿو ته  اتي بيٺل سمورن اھل دل ماڻهن جون اکيون آليون ٿي وڃن ٿيون. اتي موجود ڳوٺاڻن ۾ ھڪڙي ڳوٺاڻي جڏهن چيو ٿي ته  “ھي ھرڻين جو قتل ڪونهي پر ھي اسان جي ٻچن جو قتل آهي” ته انھي جملي مون پارن  ھزارين اھل دل ماڻهن کي ڇرڪائي وڌو . منهنجون ته  اکيون آليون ٿي ويون.

ھي  ڪالم لکڻ مھل به آءُ پڻ پنهنجي جذبات کي قابو رکي نه  سگھيس آلين اکين جي درد کي ڀلي ڪير سمجھي يا نه سمجھي پر ذبح ٿيل ھرڻين کي ڏسي آءُ سوچڻ لڳس ته ھنن معصوم ھرڻين جو ھن ريت قتل ڪيستائين جاري رھندو؟ ھي  شڪاري ڪير آهن جن  کي ٿر جي سيمن ۽ ڳوٺن ۾ شڪار ڪرايو وڃي ٿو؟  ڇا انهن شڪارين کي ڪوسياسي آشيرواد حاصل آهي جو ھو ٿر ۾ ديدا دليري سان شڪار ڪندا وتن ٿا. سنڌ ۾ جھنگلي جيوت کي بچائڻ  وارا  ادارا ڇا پيا ڪن؟ دنيا جي مختلف خطن ۾  ناياب نسل جانورن ۽ پکين کي بچائڻ  لاءِ  پاليسيپون مرتب ڪري قانون سازيون ڪيون وينديون آهن ۽ رياست پاران مختلف وسيلا ڪتب آندا وڃن ٿا پر ھتي  اسان وٽ ايئن  ڇوناھي؟ ھتي اسان وٽ ناياب جانورن ۽ پکين جي تحفظ بجاءِ جھنگلي جيوت ۽ وائلڊ لائيف کاتي جا عملدار ۽  مقامي وڏيرا مراعتن عيوض  انھن ناياب جانورن ۽ پکين جو شڪار  ڪرائيندا رهن ٿا.هونئن ته ٿر ۾ ڪافي اھڙا ڳوٺ آهن جيڪي پنچائتي سسٽم تحت جانورن ۽ پکين جو تحفظ ڪندا آهن ۽ انهن جي پالنا ڪندا آهن، سمورن ڳوٺن ۾ مور  پڻ پاليا وڃن ٿا ۽ سيمن ۾ ھرڻن جي بچاءَ لاءِ ڪوششون  وٺندا رھن ٿا.

ٿر جا ڪي ڳوٺ مورن جي پالنا۽ ھرڻين جي تحفظ جي حوالي سان تمام گھڻا مشھور آهن انهن ۾  مالڻھور، ويڻا، ڪيرٽي، جھرمريو، لکميار ،ڇھو، پاٻوھر، ناٿڙو، ھوٿئير، ساڪريو، ٻاڙاچ ڀاوي جوتڙ، مٺڙيو، ڪھڙي، سوندر، کاريو،غلام شاهه، ھريار، ڏاھلي، رنگيلو،  گوڌيار۽ ٻياڪيترائي اھڙا ڳوٺ آهن جتي اڄ به پنچائتي نظام تحت مورن جي پالنا ڪئي وڃي ٿي. ۽ ھرڻين جي تحفظ لاءِ ڪوششون  ورتيون وينديون آهن.  انھن ڳوٺن ۾ مورن جي لاءِ داڻي پاڻي جو بندوبست پڻ ڪيو ويندو آهي. اھڙي ريت ڪارونجھر  جي جابلو پٽي ۽ رنگيلو  ڀارو جوتڙ گوڌيار  ھريار جي سيمن ۾ جتي   به ھرڻ  موجود آهن اھي ڳوٺاڻا  پنهنجي مدد پاڻ تحت انهن جانورن جو تحفظ ڪن ٿا انهن  ڳوٺن ۾ جيڪڏهن ڪو مور يا ھرڻ مري ويندو آهي ته سمورو ڳوٺ ڏکارو بڻجي ويندو آهي. ٿر جا ماڻھو  جھنگلي جيوت سان بي انتھا محبت ڪن ٿا ۽ جھنگلي جيوت جي مرڻ جي درد جي ڪيفيت کي شدت سان محسوس ڪن ٿا.دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ناياب پکين ۽ جانورن کي بچائڻ لاءِ وڏي  پئماني تي اتان جا سرڪاري ادارا ڪوششون وٺندا آهن  پر اسان جا ادارا تڏهن حرڪت ۾ ايندا آهن جڏهن ڪو معاملو وڌي ويندو آهي.   ٿر جي خطي۾ جھنگلي جيوت خطري ھيٺ آيل آهي  ٿر ۾ ڪڏھن ھرڻ اسمگل ڪيا وڃن ٿا ته ڪڏهن وري ھرڻ جو شڪار ڪيو وڃي ٿو، ڪڏهن  روجھه جو شڪار ڪيو وڃي ٿو ته ڪڏهن وري مورن جي ٻچن جو وڪرو ڪيو وڃي ٿو  پر اڪثر طور تي ڏٺو ويو آهي ته شڪارين خلاف ڪابه ڪارروائي نه  ٿيندي آھي.

گذريل ڏينهن ڳوٺ رنگيلو ۾ جڏهن ھرڻين جو بي رحماڻو قتل ٿيو آهي ته شڪارين سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه  ٿيڻ گھرجي،  انھن شڪارين کي سخت سزا ڏ ني وڃي. ٿر جي مختلف سيمن ۽ پارڪر جي ڳوٺن ۾ڪجھه بااثر ماڻهوَ شڪار تي پابندي ھئڻ باوجود سنڌ جي مختلف علائقن کان سياسي وڏيرن کي دعوتون ڏئي ھتي ٿر گھرائيندا آهن ۽ انھن کان شڪار ڪرائيندا آھن ۽ بدلي ۾ انھن سياسي وڏيرن کان ھو مراعتون وٺندا آهن. ٿر ۾ مسلسل ناياب پکين ۽ جانورن جي نسل ڪشي سبب ناياب پکين ۽ جانورن جو تعداد تمام گھٽجي ويو آهي. ٿر ۾ چڪنارا ھرڻ جو نسل اڻ لڀ ٿيندو پيو وڃي.  ٿر جي ڳوٺن ھريار رنگيلو ۽ گوڌيار جي سيمن ۽ پارڪر جي جابلو علائقن ۽ ڏيپلي جي ڪجهه ڳوٺن ۾ صرف ڪجهه ھرڻ بچيا آهن .ٿر ۾ روجهه تعلقي ڏيپلي ۽ ننگرپارڪر جي بارڊر وارن ڳوٺن ۾ عام طور ملن ٿا پر اھي اتي محفوظ ناھن. سنڌ جي مختلف خطن ۾ جھنگلي جيوت جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي پر افسوس جو سنڌ ۾ جھنگلي جيوت کي بچائڻ لاءِ جوڙيل جھنگلي جيوت کاتو ڪجهه ڪرڻ کان قاصر آهي.ٿر ۾جھنگلي جيوت جي نسل ڪشي روڪڻ لاءِ عملي طور تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي انھي لاءِ عملي طور تي  ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٿر ۾ ھر قسم جي شڪار تي پابندي مڙھي وڃي ۽ ڪارونجھر  کي نيشنل پارڪ جو درجو ڏنو وڃي.

گيم سينچري وارن علائقن ۾ جھنگلي جيوت کي بچائڻ لاءِ چيڪ پوسٽون جوڙيون وڃن  ٿر ۾ روجھه ھرڻ ۽ مور جي شڪار ڪرڻ واري شڪاري تي معمولي ڏنڊ ڏوھه وجھڻ بجاءِ شڪارين لاءِ سزا مقرر ڪئي وڃي. جھنگلي جيوت واري قانون(جھنگلي جيوت ايڪٽ 2010ع) ۾ ترميم ڪري جھنگلي جيوت جي شڪار ۽ شڪارين جي سزا واري ايڪٽ (قانون )کي قومي اسيمبلي مان منظور ڪرايو وڃي.

ٿر ۾ ھرڻين ۽ مورن  کي بچائڻ لاءِ يوسي سطح تي ڪاميٽيون جوڙيون وڃن. ٿر  جي مختلف ڳوٺن ۾ جھنگلي جيوت (جانورن ۽ پکين) جي وئڪسين ڪئي  وڃي. جھنگلي جيوت کاتي ٿر جي مختلف تعلقن ۾ گھربل اسٽاف مقرر ڪيو وڃي.

آخري لفظ :   ڳوٺ رنگيلو جي ڀر سان  جڏهن قتل ٿيل ھرڻين کي مٽي ماءُ حوالي ڪيو پئي ويو ته انھي مھل سمورو ماحول ڏکارو ھو. آلين اکين سان ھرڻين جي تدفين ۽ شڪارين کي پٽون پاراتا ڏيندڙ اھل دل ماڻهوَ وقت جي حاڪمن کان سوال ڪن ٿا ته آخرڪار اڃا ڪيتريون ھرڻيون فطرت جي دشمنن ھٿان قتل ٿينديون رھنديون.