برطانيا ۾ سنگين آئيني بحران: وزير اعظم بورس جانسن جو استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو

0
236
برطانيا ۾ سنگين آئيني بحران

بورس جانسن ڪابينا جي ڪيترن اهم وزيرن سميت پارليامينٽ جي 50 ميمبرن جي استعيفيٰ ڏيڻ بعد برطانيا ۾ آئيني بحران سنگين ٿي ويو آهي

برطانوي ميڊيا موجب برطانوي ڪابينا جي 50 ميمبرن جي مستعفي ٿيڻ باوجود وزير اعظم بورس جانسن اقتدار نه ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هو، سندس موقف هو ته هن وقت استعيفيٰ ملڪي مفاد جي خلاف آهي

بهرحال هاڻي برطانوي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته بورس جانسن پارليامينٽ ۽ عوام جي سخت دٻاءُ جي ڪري وزير اعظم جي منصب تان استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي

برطانوي ميڊيا موجب 90 سالن ۾ پهريون ڀيرو برطانوي پاليامينٽ ۽ ڪابينا ۾ شامل وزير ايڏي وڏي انگ ۾ وزير اعظم تي بي اعتمادي جو اظهار ڪري رهيا آهن

استعيفيٰ ڏيندڙن ۾ اتر آئرلينڊ جو سيڪريٽري برينڊن ليوس، سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي جو وزير جارج فري مين ۽ سيڪيورٽي جو وزير ڊيمان هنڊس شامل آهن

واضح رهي ته بورس جانسن خلاف بي اعتمادي رٿ ايندڙ سال تائين جمع نٿي ڪرائي سگهجي ۽ 50 کان وڌيڪ ميمبرز جي استعيفيٰ باوجود وزير اعظم استعيفيٰ نه ڏيڻ جي ضد تي اٽل نظر پئي آيو  پر عوامي دٻاءُ سبب کيس فيصلو تبديل ڪرڻو پيو