لاهور (م ڊ) لاهور ۾ جاتي امرا اڌ رات جو ڪنٽينر پهچڻ تي نواز ليگ جو احتجاج، اڊا پلاٽ ويجهو 20 ڪنٽينر بيهاريا ويا هئا، ليگي اڳواڻ عطا تارڙ جي سڏ تي ليگي ڪارڪن پهچي ويا، ڪارڪنن حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي، جنهن دوران ڪنٽينر هٽائڻ جي به ڪوشش ڪئي، ڪنٽينر واپس ڪيا ويا، نواز ليگ اڳواڻ عطا تارڙ الزام هڻندي چيو ته انتظاميا جاتي امرا تي آپريشن ڪرڻ پئي چاهيو، اذيت پهچائڻ لاءِ اهو ڪم ڪيو ويو، عظميٰ بخاري چيو ته ڪير به غيرقانوني ڪم ڪرڻ جو نه سوچي. راڻا ثناءُ الله چيو ته خوف آهي ته شهزاد اڪبر صاحب اهو نه چوي ته 1947ع جي روينيو رڪارڊ ۾ پاڪستان جو نالو ناهي، ليگي اڳواڻ چيف سيڪريٽري کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان ريڊ لائين ڪراس نه ڪريو، سڀاڻي اوهان کي جواب ڏيڻو پوندو، احسن اقبال چيو ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته وزيراعظم جي عهدي تي ويٺل عمران خان جو نفسياتي معائنو ڪرايو وڃي، عمران خان پنهنجي حسد سبب ملڪ کي داع تي لڳائي رهيو آهي، قانون جي حڪمراني جو بحران عمران خان جي حڪومت کانپوءِ شروع ٿيو. هوڏانهن نواز ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڇا وزير اعظم اِهو ٻڌائيندو ته هو ڪهڙي ڪيفيت ۾ ڳالهائي ٿو؟ وزير اعظم عمران خان جي بيان تي رد عمل ڏيندي مريم اورنگزيب چيو ته 2018ع ۾ نواز ليگ جي حڪومت ختم ٿي ته گڏيل قرض 25 هزار ارب هو. قرض 25 هزار ارب هو ته توهان اڍائي سالن ۾ 35000 ارب قرض ڪيئن واپس ڪري ڇڏيو؟ ليگي ترجمان اِهو به چيو ته توهان اڍائي سالن ۾ 35000 ارب قرض واپس ڪري ڇڏيو آهي ته اڄ 38000 قرض ڪيئن ٿي ويو؟ عمران صاحب توهان ڪهڙي ڪيفيت ۾ ڳالهيون ڪندا آهيو اِهو حساب توهان کي ڪير سيکاريندو آهي؟