لاهور (م ڊ) وزيراعظم جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو آهي ته جيڪڏهن ماڻهو چور هجي ته ان کي لڳندو آهي ته هر پوليس جي گاڏي ان لاءِ آئي آهي، عطا تارڙ ۽ مريم اورنگزيب ڪنٽينر معاملي کي رضيه بٽ جو ناول بڻائي رهيا آهن. هن چيو ته نواز ليگ رات جو سنسي پکيڙي، ڪوبه آپريشن نه ڪيو ويو آهي، ڪوبه ڪنٽينر نه لڳايو ويو، سرزمين تي ڪجهه به نه هو، ڪنٽينر سان ڀِتيون ناهن ڪرنديون، انهن لاءِ بلڊوزر هوندا آهن، هن چيو ته جاتي امرا جو اصل نالو موضع مانڪ آهي، سرڪاري زمين ڪنهن جي نالي تي منتقل نه ٿي ٿي سگهي، معاملو پنجاب حڪومت جو شريف خاندان سان نه پر انهن سان آهي، جنهن کان هنن زمين خريد ڪئي، هن چيو ته حڪومت جي 839 ڪنال زمين فراڊ ذريعي منتقل ڪئي وئي، شريف خاندان جي دعويٰ وحيده بيگم جي وارثن سان ٺهي ٿو.