اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سنڌ صوبي ۾ هندو نارين جي جبري مذهب جي تبديلي خلاف سخت احتجاج ڪندي مسلم ليگ (نواز) جي ميمبر کيئل داس ڪوهستاني چيو ته جبري مذهب جي تبديلي جي مسئلي جي حل لاءِ پارلياماني ڪاميٽي به قائم ڪئي وئي آهي، پر ان جو ڪو نتيجو نه ملي سگهيو آهي، 14 سالن جي هندو نياڻي آرزو، ڪنڌ ڪوٽ جي ڪويتا اڃا تائين ملي نه سگهي آهي ته مٿان لاڙڪاڻي جي آرتي کي 6 ڏينهن تائين گم ڪرڻ بعد ان کي سامهون آڻي بيان ڏياريو ويو آهي، هن چيو ته سنڌ جي هندن لاءِ جبري مذهب جي تبديلي جو مسئلو سنگين ٿي ويو آهي، سنڌ پوليس ۾ سٺا آفيسر آهن پر سنڌ پوليس جو رويو به اسان سان مناسب ناهي، لاڙڪاڻي جي آرتي کي والدين ۽ رشتيدارن سان به ملڻ نه ٿو ڏنو وڃي، اهڙين ڇوڪرين جا والدين جيئري مري وڃن ٿا، هندو برادري کي انصاف نه ملي ته انهن جون محروميون ڪيئن ختم ٿينديون؟ انساني حقن جي پارلياماني سيڪريٽري ۽ پي ٽي آءِ جي ميمبر لال مالهي چيو ته سنڌ ۾ ڊگهي وقت کان سنڌ جي هندن جو جبري مذهب جي تبديلي وارو مسئلو هلي رهيو آهي جيڪو حل نه ٿي رهيو آهي، پارلياماني ڪاميٽي زبردستي مذهب جي تبديلي جي روڪٿام لاءِ هڪ قانوني بل جو مسودو تيار ڪيو آهي، هن وقت حالت اها آهي ته قومي اسيمبلي جا 10 اقليتي ميمبر ۽ سنڌ اسيمبلي جا اقليتي ايم پي اي لاڙڪاڻي جي آرتي سان والدين جي ملاقات به نه ٿا ڪرائي سگهون، پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي درخواست ڪريان ٿو ته اهو چوندو آهي ته اقليت ان کي ووٽ ڪري ٿي ته کيس اقليت بابت سوچڻ گهرجي ۽ سنڌ جي اقليتي برادري جي نياڻين کي تحفظ ڏنو وڃي، پيپلز پارٽي جي سيد نويد قمر چيو ته پيپلزپارٽي جبري مذهب جي تبديلي خلاف آهي، اقليتي ميمبرن جي موقف جي حمايت ڪيون ٿا، ان حوالي سان جيڪا قانون سازي ٿيڻي آهي ان کي منتقي انجام تي پهچايو وڃي پيپلز پارٽي ان جي حمايت ڪندي، انساني حقن جي وفاقي وزير شيرين مزاري چيوته جبري مذهب جي تبديلي واري بل تي انساني حقن جي وزارت پنهنجو موقف ڏئي چڪي آهي، پيپلزپارٽي جي اقليتي ميمبر رميش لال چيو ته لاڙڪاڻي آرتي ڪيس ۾ جنهن ايس ايس پي ڪوتاهي جو مظاهرو ڪيو ان کي عهدي تان هٽايو ويو آهي، آرتي 7 ڏينهن جي رمانڊ تي آهي، ان جي والده ۽ والد سان ملاقات ڪرائي وئي آهي، نواز ليگ جي ڊاڪٽر درشن لال چيو ته سنڌ جي اقليتي برادري سان زيادتيون ٿي رهيون آهن، اقليتي ميمبر عامر جيوا چيو ته سنڌ ۾ شادي جي عمر 18 سال پنجاب ۾ 16 سال، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان ۾ 14 سال مقرر ٿيل آهي، ان مامري کي به ڏسڻ جي ضرورت آهي، پارلياماني مامرن جي مملڪتي وزير علي محمد خان چيو ته ان حوالي سان پي ٽي آءِ جي ميمبر لال مالهي ۽ ٻين وزيراعظم سان ڳالهايو هو، جبري مذهب جي تبديلي وارو مامرو زماني کان هلي رهيو آهي، هن حڪومت ان مامري جي حل لاءِ پارلياماني ڪاميٽي قائم ڪئي، بل جو مسودو تيار ٿي چڪو آهي، پارلياماني ڪاميٽي ۾ جيڪي سينيٽر ميمبر هئا ۽ اهي رٽائرڊ ٿي ويا آهن انهن جي جڳهه تي نوان ميمبر مقرر ڪيا وڃن جيئن ڪاميٽي ان ڪم کي اڳتي وڌائي، جنهن بعد اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر سنڌ ۾ اقليتي نارين جي زبردستي مذهب جي تبديلي وارو مامرو لاڳاپيل ڪاميٽي کي جائزي لاءِ اماڻي ڇڏيو آهي.