اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پبلڪ اڪائونٽ  ڪاميٽي ۾ توانائي شعبي جو گردشي قرض4 هزار ارب رپين تائين پهچڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، توانائي وزارت جي وفاقي سيڪريٽري ڪاميٽي کي ٻڌايو آهي ته گردشي قرض ۾ اضافو ٿيڻ ڪري مقامي ڪمپنيون به سرمائيڪاري نه ڪري رهيون آهن، توانائي سيڪريٽري چيو ته گيس شعبي جو گردشي قرض 1500 ارب کان وڌي ويو آهي، پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي اڳوڻي حڪومت پاران روس کان سستو تيل خريد ڪرڻ واري دعويٰ جي جاچ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي، پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جي سربراهه نور عالم خان توانائي وزارت جي وفاقي سيڪريٽري کان دريافت ڪيو ته ڇا روس کان سستو تيل خريد ڪرڻ لاءِ ڪو معاهدو ٿيو هو، ان مد ۾ ڪا رقم ادا ڪئي وئي هئي؟، جنهن تي شبلي فراز چيو ته اسان جي حڪومت روس کان تيل خريد ڪرڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه جو آغاز ڪيو هو، موجوده حڪومت تيل وٺڻ جي مامري تي ڇا ڪري رهي آهي، پي ايس او پاران پيٽرول ۽ ڊيزل جي سپلاءِ بابت 56 ارب رپين جا ضابطي خلاف معاهدا ڪرڻ تي پي اي سي پي ايس او جي اڳوڻي ايم ڊي ۽ جنرل مينيجر جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي، ڪاميٽي کي پيٽروليم سيڪريٽري ٻڌايو ته پي ايس او جي اڳوڻي ايم ڊي نعيم يحيٰ، جنرل مينيجر ذوالفقار ضابطي خلاف معاهدا ڪيا.