لاهور (م ڊ) نواز ليگ نائب صدر مريم  نواز چيو آهي ته عمران خان ننڊ ۾ به نيوٽرل نيوٽرل جو راڳ آلاپيندو، عمران خان وڦلندو ته شهباز شريف سفير کي ڪيڪ کارايو. تحريڪ انصاف چيئرمين جي خطاب تي ردعمل ڏيندي مريم نواز چيو عمران خان وڦلندو هو ته شهباز شريف شيرواني ٺهرائي آهي، شهباز شريف وزيراعظم بڻجي ويو، خرم دستگير اهو چئي ڇڏيو ته آمريڪا سازش ڪري ڇڏي، ڌانڌلي ٿي وئي، قسم سان عمران خان جي ذهني حالت تي رحم اچڻ لڳو آهي. هن چيو ته ويچاري عمران خان کي وڏو گهرو ۽ ازالي نه ٿيڻ جوڳو صدمو پهتو آهي، عمران خان شهباز شريف تي ڪوڙا ڪيس ٺاهي فائول پلي ذريعي ميدان کان ٻاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، الله پاڪ اها راند ان ڏي ئي موٽائي ڇڏي، عمران خان! عادت وجهو، توهان باقي زندگي ان ئي صدمي ۽ حسد ۾ گذارڻ وارا آهيو.