اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته عسڪري ادارو نه چاهي ها ته پي ٽي آءِ حڪومت ڪري نه پئي سگهي، نجي ٽي وي کي انٽرويو ۾ فواد چوڌري چيو ته اسٽيبلشمينٽ پاڪستاني سياست جي پليئر آهي، اها ڪيئن ٿي نيوٽرل ٿي سگهي؟ هيڏانهن ٿيندي يا هوڏانهن ٿيندي؟ انهن کي فيصلو ڪرڻو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي 70، 75 سالن جي تاريخ ۾ فوج ۽ عدليا ٻئي سياسي پليئر رهيا آهن، اها الڳ ڳالهه آهي ته دل وندرائڻ لاءِ اسان چوڻ شروع ڪري ڇڏيون ته اهي سياسي پليئر ناهن، ذوالفقار علي ڀٽو جهڙي شخص کي هنن ڦاهي چاڙهي ڇڏيو، هي ظلم جي حد آهي، ڪا مذاق ٿوري آهي، فواد چوڌري چيو ته ڪجهه اهڙا معاملا هوندا آهن، جتي نيوٽرل رهڻ جي ضرورت ناهي پوندي، نيب قانون ۾ ترميمون ٿيون، ان ۾ ادارن کي نيوٽرل رهڻو آهي ته تباهي آهي، اسٽيبلشمينٽ کي اسان چئون ٿا پر اصل قصور سياستدانن جو آهي. هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ سان احترام وارو تعلق آهي، ڳالهه ايستائين نه پهچڻ گهرجي ها، پاڪستان گهڻيون شيون خراب ٿي ٺيڪ ٿي وينديون آهن، پاڪستان ۾ ڪوبه قانون ناهي،  سچي ڪرسي جي سياست آهي، ڪرسي جي سياست ۾ پاڪستان اڳتي نٿو وڌي سگهي. فواد چوڌري انڪشاف ڪندي چيو ته نواز ليگ سان طئي ٿيو هو ته اسيمبليون ٽوڙيون وينديون، اهو به طئي ٿيو هو ته اسيمبليون ٽوڙڻ بعد اليڪشن جو اعلان ڪيو ويندو پر راتون رات نواز ليگ پنهنجي موقف تان ڦري وئي، هن وقت شريف ۽ زرداري خاندان جا ذاتي مسئلا آهن، هي ٻئي خاندان چاهين ٿا ته انهن جي ڪيس معاف ڪيا وڃن، مٿن اربين رپين جا ڪيس آهن،