لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ نواز ليگ جي اڳواڻ خواجا آصف جي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ ضمانت جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت لکت واري فيصلي ۾ چيو آهي ته نيب تسليم ڪري ٿو ته خواجا آصف تي ڪميشن وٺڻ جو الزام ناهي، نه وري ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جو الزام آهي، تسليم ٿيل حقيقت آهي ته خواجا آصف قومي خزاني کي نقصان ناهي پهچايو. عدالت فيصلي ۾ چيو ويو ته خواجا آصف جي خلاف اڃا تائين ريفرنس داخل ناهي ڪيو ويو. ڪنهن به جوابدار کي اڻ ڄاڻايل مدي تائين جيل ۾ نٿو رکي سگهجي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عاليه نيلم ۽ جسٽس شهباز رضوي خواجه آصف جي ضمانت جو 18 صفحن تي ٻڌل لکت ۾ فيصلو جاري ڪيو. نيب موجب ليگي اڳواڻ جي خلاف جاچ جاري آهي. جڏهن ته ريفرنس به منظوري جي لاءِ اماڻيو ويو آهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته خواجا آصف جي وڪيل موجب خواجا آصف کان پڇاڳاڇا مڪمل ٿي چڪي آهي. هن کان ڪابه ريڪوري ناهي ٿي. انڪري عدالت خواجا آصف جي  ضمانت منظور ڪري ۽ سندس آزادي جو حڪم جاري ڪيو وڃي.