اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نيويارڪ پراپرٽي ڪيس ۾ 28 جولاءِ تائين 5 لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ڇڏي، ڪالهه چيف جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس عامر فاروق تي ٻڌل ڊويزنل بينچ آڏو آصف زرداري پنهنجي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ سان گڏ پيش ٿيو، فاروق نائيڪ عدالت کي ٻڌايو ته عدالت جي حڪم تي آصف علي زرداري عدالت جي ڪمري ۾ موجود آهي، کيس نيب وارن نيويارڪ پراپرٽي واري مامري تي طلب ڪيو آهي، خوف آهي ته آصف زداري نيب ۾ پيش ٿيندو ته گرفتار ڪري سگهجي ٿو، گرفتاري کان بچڻ لاءِ عدالت گرفتاري کان اڳ ضمانت ڏئي جنهن کان پوءِ عدالت فاروق نائيڪ جي استدعا منظور ڪندي آصف علي زرداري کي 5 لک رپين جي مچلڪن عيوض عبوري ضمانت ڏيندي ٻڌڻي 28 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جڏهن ته نيب کان جواب پڻ طلب ڪري ورتو آهي.