پورٽ او پرنس (م ڊ) هيٽي جو صدر قاتلاڻي حملي ۾ قتل، خاتون اول شديد زخمي ٿي پئي، هيٽي ۾ نامعلوم هٿياربندن صدر جووينل موئس جي گهر تي حملو ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب سندس گهرواري شديد زخمي ٿي پئي، عالمي خابرو اداري موجب رات جو دير سان هسپانوي ٻولي ڳالهائيندڙ هٿياربندن هيٽي جي صدر تي حملو ڪيو، حملو ڪندڙن جي فائرنگ ۾ 53 ورهين جي جووينل موئس کي مٿي ۾ گولي لڳي، جيڪا سندس موت جو سبب بڻي، آخري اطلاع تائين حملو ڪندڙ جو پتو نه پئجي سگهيو ۽ نه وري ڪنهن شدت پسند گروپ حملي جي ذميواري قبولي. هيٽي جي عبوري وزيراعظم ڪلاڊ جوزف صدر جي قتل جي تصديق ڪندي چيو ته نامعلوم هٿياربندن صدر جووينل موئس جي نجي رهائشگاهه تي رات جي وقت حملو ڪيو، جنهن ۾ صدر مارجي ويو آهي، عبوري وزيراعظم پاڻ کي ملڪ جو سربراهه ڊڪليئر ڪندي چيو ته صدر جو قتل غيرانساني ۽ وحشياڻو عمل آهي، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، عوام صبر جو مظاهرو ڪري، پوليس ۽ ملڪ جي هٿياربند فوجن سيڪيورٽي صورتحال تي ضابطو آڻي ورتو آهي.