ترڪي ۽ سنڌ جا نوجوان

0
177

 ڪجهه وقت کان سوچيم پئي ته نوجوانن کي ترڪي بابت آگاهي ڏيان ته ڪهڙي طرح هڪ سيڪيولر مسلمان ملڪ يورپ سان هر محاز تي مقابلو پيو ڪري ۽ ان ۾ ترڪي جي نوجوانن ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي.

                         تازو استنبول ۾ جتي بم ڌماڪو ٿيو آهي ان جي چند قدمن تي منهنجي رهائش هئي.اتي هڪ پاسي ميوزڪ ۽ سڄي دنيا کان آيل سياحن سان اها گهٽي ڀريل هوندي هئي ته ٻئي پاسي خوبصورت مسجدن اڳيان تمام سريلي آواز ۾  نعتون پڙهندڙ ترڪي جا ماڻهون توهان کي ملندا، هڪ طرف يورپين ڪلچر جا ڪپڙا ته ٻئي پاسي اسلامي  برقعي ۾ عورتون گذرندي ملنديون.ڪير به ڪنهن کي ٽوڪي يا روڪي نٿو اهڙي ترڪي ٺاهيندر هو (مصطفيٰ) جنهن کي سندس استاد “ڪمال” جو لقب ڏنو سندس والد کيس سيڪيولر نظريي طرف مائل ڪيو،ترڪي جي عوام کيس اتاترڪ جي نالي سان نوازيو.

                         مونکي ترڪي جي تاريخ ۾ تمام گهڻي دلچسپي آهي ڇو ته جنهن ملڪ کي مخالف “سڪ مين آف يورپ” چوندا هئا ان پنهنجي قوم کي اقتصادي طور،سماجي طور ۽ بحيثيت تاريخي قوم پنهنجي وجود کي مڃرايو.

ترڪي جي نوجوانن ڪهڙي طرح 600 سالن جي بادشاهت کي چيلنج ڪري عام ماڻهن لاءِ حق ورتا ۽ پنهنجي قوم کي سرخروع ڪيو اها تاريخ اوهان سنڌ جي نوجوانن کي ضرور پڙهڻ گهرجي.

جتي هر طرف مايوسي آهي مونکي اتي سنڌ جي باشعور نوجوانن ۾ هڪ اميد ڏسڻ ۾ ايندي آهي.خاص طور تي سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ باشعور نوجوان جيڪي مذهبي ڪٽرپڻي کي رد ڪن ٿا،وڏيرا شاهي کي گار بڻائي ڇڏيو اٿن، پنهنجي شهرن ۽ ڳوٺن جي پاڻ مالڪي ڪن ٿا، پنهنجن ماروئڙن کي جديد ٽيڪنالاجي طرف مائل ڪن ٿا،ڪاروبار جا دڳ ڏسين ٿا!اهڙا سڀ نوجوان نئين دور جا رهبر آهن،اڳواڻ آهن. (فيس بوڪ تان ورتل)