لاهور (م ڊ) ترڪ حڪومت پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم کي وزيرآباد لانگ مارچ دوران گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيڻ تي پنهنجي ملڪ ۾ علاج جي آڇ ڪئي آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پنجاب جو وڏو وزير چوڌري پرويز الاهي ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهي ته هو عمران خان سان گڏ آهي، مٿس شڪ ڪرڻ جي گنجائش ناهي. هن چيو ته پرويز الاهي عمران خان کي گجرات ۾ ميزباني جي دعوت ڏني هئي، کيس گجرات ۾ ميزباني ڪرڻي هئي پر اتي هڪ عنصر آهي، ان ڳالهه کي مختلف رنگ ڏنو. هن چيو پي ٽي آءِ طرفان انهن ملڪن جو ٿورائتو آهيان جن عمران خان جي خيريت معلوم ڪئي، ترڪي جي پرڏيهي وزير ميلوت اوغلو سان ڳالهه ٻولهه ٿي، هن عمران خان کي هر قسم جون سهولتون فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي، هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان ترڪي اچي ته سندس علاج ڪيو ويندو.