ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ۽ پنجاب جي گورنرن جي ملاقات، ٻنهي صوبن ۾ سهڪار وڌائڻ سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان حوالي سان ڪالهه گورنر هائوس ۾ پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان ۽ سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ گورنر پنجاب  ٽسوري کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪون ڏيندي لاهور اچڻ جي دعوت ڏني. ملاقات ۾ ٻنهي صوبن وچ ۾ سهڪار وڌائڻ، مختلف شعبن ۾ وفدن جي مٽاسٽا،  سماجي شعبي جي ترقي، نوجوانن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري چيو ته پاڪستان هر شعبي ۾ چيلنجز کي منهن ڏئي رهيو آهي، ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ لاءِ اتحاد ۽ اتفاق جي ضرورت آهي.