فتح جنگ(م ڊ) مسلم ليگ نواز جي نائب صدر مريم نواز شريف چيو آهي ته بي فيض ٿيندي ئي عمران حڪومت ڌماڪي سان ڪري پئي، عمران خان کي پنهنجي حڪومت ۽ ڪرسي وڃڻ کان وڌيڪ تڪليف شهباز شريف جي وزيراعظم ٿيڻ جي آهي. فتح جنگ ۾ عام جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته مبارڪون هجن الله پاڪستان کي عمران خان جهڙي نڀاڳ مان جان ڇچڏائي، اهو نڀاڳ جيڪو عوام کان ماني، اٽو،کنڊ ۽ بجلي، سڪون ۽ ترقي کائي ويو، پر ڏينهن رات ڪم ڪندڙ خادم پاڪستان شهباز شريف مبارڪ هجي. هن چيو ته عمران خان کي ڏک ڪرسي وڃڻ جو نه آهي، کيس ايتري تڪليف پنهنجي حڪومت وڃڻ جي نه آهي جيتري شهباز شريف جي وزيراعظم بڻجڻ جي آهي. عمران خان هاڻ اها تڪليف برداشت ڪرڻ جي عادت وجهه جيتري تنهنجي زندگي آهي ان ۾ ڏک جي عادت وجهه ڇو ته ايندڙ دور نوازشريف، شهباز شريف ۽ مسلم ليگ نواز جو آهي. هن چيو ته عمران شهباز شريف کي چيري بلاسم ۽ بوٽ پالش ڪندڙ ان ڪري ٿو چوي ته جنهن شخص پاڻ سڄي زندگي بوٽ صاف ڪياهجن ان کي بوٽ صاف ڪرڻ  کان علاوه ڪجهه نظر ناهي ايندو. کيس ان ڪري تڪليف آهي جو ايترا وڏا گهپلا ڪري ويو آهي کيس خبر آهي ته شهباز شريف هر ايندڙ ڏينهن پاڪستان جي عوام آڏو سندس نالائقي جا داستان سامهون آڻيندو. هن چيو ته هڪ طرف منجهند 12 وڳي اٿندڙ عمران خان هو ٻئي طرف فجر جو اٿندڙ شهباز شريف آهي، عمران 4 سال نه پاڻ ڪم ڪيو نه ٻين کي ڪرڻ ڏنو، ۽ انتقام ۾ لڳل رهيو، شهباز شريف هڪ مهيني ۾ اٽو، کنڊ سستي ڪئي، بجلي جا بند ڪارخانا هلايا. عمران روز ٽي وي تي اچي نئون تماشو ڪري ٿو. هن چيو ته  15 ڪروڙ جي بلٽ پروف گاڏي پاڻ سان وٺي ويو، وري چيائين خراب ٿي وئي آهي وي ايٽ ڏيو، ٻه لک رپيا مرمت تي لڳايا اٿم اها رقم سرڪاري خزاني مان ادا ڪريو. هو توشا خانو به لٽيندو رهيو. نواز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي اڪيلا وزيراعظم آهن جن بلٽ پروف گاڏيون نه کنيون. هن چيو ته عمران پنهنجي ڪوڙ جو پول پاڻ ئي کولي ڇڏيو ته خط مارچ ۾ آيو ۽ مون کي خبر هئي ته سازش جولاءِ کان ٿي رهي هئي. هن چيو ته عمران چوي ٿو ته اصل ۾ شخص منهنجي حڪومت سنڀالي هئي، جيڪو انٽيليجنس آفيسر هو، ان جي تبديلي مون نه پئي چاهي، هو چوي ٿو اهو شخص منهنجي اک ۽ ڪن هو، هو تنهنجي اک ۽ ڪن نه هو پر تنهنجا هٿ هو جن سان تون پنهنجي سياسي مخالفن جا گلا پڪڙيندو هئين، هڪ مقرري ڇا ٿي ان جون اکيون به ويون، ان جا ڪن به ويا، هي گونگو، انڌو ۽ ٻوڙو به ٿي ويو، هو اکيون ۽ ڪن نه هو پر سهارو هو جنهن تي سندس حڪومت بيٺل هئي، اهو شخص جنهن کان هو بي فيض ٿي ويو آهي ته حڪومت ڌماڪي سان زمين تي ڪري پئي آهي ۽ هاڻ ماڻهن کي چوي ٿو لانگ مارچ ۾ اسلام آباد هلو. هو لانگ مارچ يا آزادي مارچ نه پر گوگي بچايو مارچ آهي، فرح گوگي کي سڃاڻو ٿا؟ فرح خان جو ٻيو نالو عمران خان آهي. فرح جا پيرا سڌا بني گالا وڃڻ ٿا. عمران خان پنهنجي ڀيڻ عليما خان کي بچائڻ لاءِ نه آيو پر فرح خان کي بچائڻ لاءِ ٽي وي تي اچي چوي ٿو هن ڪجهه ناهي ڪيو. عمران پاڪستانين کي لنگرخانن تي لڳائي پاڻ توشا خانو لٽيندو رهيو.