اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت سوشل ميڊيا تي فحش ۽ غير اخلاقي وڊيوز ذريعي ماڻهن کي بدنام ڪرڻ وارن خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو آهي. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي غير اخلاقي مواد پکيڙيندڙن کي گرفتار ڪيو ويندو، وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته اهڙو مواد برداشت نه ڪيو وڃي. هن چيو ته سوشل ميڊيا کي ماڻهن جا پٽڪا لاهڻ لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين، اهڙن واقعن کي روڪڻو آهي، جنهن ۾ اهڙو مواد بليڪ ميلنگ لاءِ استعمال ٿئي ٿو، اسان اهڙين ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪنداسين. گهرو وزير چيو ته غير اخلاقي وڊيوز ۽ تصويرن سميت اهڙي گند پکيڙيندڙن جو صفايو ڪنداسين، ان حوالي سان ايف آءِ اي ۽ لاڳاپيل ادارن کي هدايتون جاري ڪيون آهن.