20 مئي کانپوءِ ڪنھن به وقت اسلام آباد اچڻ جو سڏ ڏيندس، عمران خان جو ميانوالي ۾ جلسي کي خطاب

0
248
عمران خان جو ميانوالي ۾ جلسي کي خطاب
20 مئي کانپوءِ ڪنھن به وقت اسلام آباد اچڻ جو سڏ ڏيندس، عمران خان جو ميانوالي ۾ جلسي کي خطاب

اڳوڻو وزيراعظم عمران خان ميانوالي ۾ جلسي کي خطاب ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ آهي ته جيستائين جيئرو آهيان ميانوالي کي نه وساريندس

عمران خان چيو ته 20 مئي کانپوءِ ڪنهن به وقت توهان کي اسلام آباد اچڻ لاءِ سڏ ڏيندس، ڪو ڪنٽينر توهان کي نه روڪيندو، نه ئي راڻا ثناءُ الله توهان کي روڪيندو

جلسي کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته قوم کي بيدار ڪرڻ تي الله جو شڪر ادا ڪريان ٿو، ميانوالي مان حقيقي آزادي جي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪريان ٿو، 20 مئي کانپوءِ ڪنهن به ڏينهن سڏ ڏئي سگهان ٿو، توهان کي ڪير روڪيندو نه راڻا ثناءُ الله ۽ نه شهباز شريف جنهن 18 قتل ڪيا تنهن کي روڪينداسين

    عمران خان چيو ته مون پنهنجي قوم کي ڪڏهن به ڪنهن جي اڳيان جهڪڻ نه ڏنو، جڏهن هي ڌاڙيل مونکي نيازي چوندا آهن ته مونکي سٺو لڳندو آهي، جيستائين هي چور جيل ۾ نه ويندا تيستائين سندن خلاف جهاد جاري رکندس

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته شهباز شريف چوي ٿو ته فقيرن کي غلام بڻائڻو پوندو، شهباز شريف توهان غلام آهيو اسان نه

عمران خان چيو ته قوم اڄ هڪ ڳالهه تي بيٺي آهي ته دوستي سڀني سان ٿيندي، غلامي نه ٿيندي، واشنگٽن ۾ اسان جي سفير کي گهرايو ويو ۽ چيو ويو ته عمران خان، نواز شريف، شهباز شريف، حمزا شهباز کي هٽايو وڃي، هي عظيم قوم به نه. هنن چورن کي غلام بڻائي ڇڏيو، هنن چورن کي ڪڏهن به پنهنجي مٿان مسلط ٿيڻ نه ڏينداسين، مان ڪوڙن، ٺڳيندڙن کي چيلينج ٿو ڪريان

هن چيو ته هي مافيا بيٺي آهي، هنن ڪالهه اسان جي ڪارڪن شهباز گل تي حملو ڪيو، شهباز شريف اهو ماڻهو آهي جنهن جي دور ۾ سڀ کان وڌيڪ پوليس مقابلا ٿيا 

عمران خان چيو ته اسلام آباد جي تاريخ ۾ عوام جو سڀ کان وڏو سمنڊ اچي رهيو آهي، هي چورن ۽ انهن کي آڻڻ وارن جو خيال هو ته قوم ٿڪجي پوندي، قوم تياري ڪري رهي آهي، پارٽي جي شروعات ئي ٿي آهي