بولان وٽ خوفناڪ حادثو، 25 مسافر زخمي

0
133
بولان وٽ خوفناڪ حادثو، 25 مسافر زخمي
بولان وٽ خوفناڪ حادثو، 25 مسافر زخمي

بلوچستان جي علائقي بولان خوفناڪ حادثي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 25 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿيا آهن

جيڪب آباد کان ڪوئيٽا ويندڙ وين ۽ ڪار ۾ بولان وٽ ٽڪر ٿيو، حادثي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 25 مسافر زخمي ٿيا

اطلاع تي پوليس ۽ علائقي واسين پهچي زخمين کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو

اختيارين موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، زخمين مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وئي