لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل: اڄ ئي چونڊ شيڊول جاري ڪرڻ جو حڪم

0
177
لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل: اڄ ئي چونڊ شيڊول جاري ڪرڻ جو حڪم
لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل: اڄ ئي چونڊ شيڊول جاري ڪرڻ جو حڪم

لاهور هاءِ ڪورٽ آروز ۽ ڊي آروز جي مقرري ڪالعدم قرار ڏني هئي، جنهن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن مقرري جو فيصلو واپس وٺڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو هو

اليڪشن ڪميشن لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ درخواست داخل ڪرائي، جنهن ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي، بينچ ۾ چيف جسٽس کانسواءِ جسٽس طارق مسعود ۽ جسٽس منصور علي شاهه به شامل  هئا

سپريم ڪورٽ ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو ٻڌايو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته  لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪجي ٿو، اليڪشن ڪميشن کي حڪم ڏجي ٿو ته اليڪشن شيڊول اڄ ئي جاري ڪيو وڃي

سپريم ڪورٽ آر اوز ۽ ڊي آروز بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪندي اليڪشن ڪميشن کي معطلي وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جو حڪم ڏنو