ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان ۾ دهشتگردي جا 2 واقعا، 3 اهلڪار شهيد، 5 زخمي ٿي پيا، آءِ ايس پي آر موجب ڪوئيٽا ۽ تربت ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون ٿيون. آءِ ايس پي آر مطابق ڪوئيٽا ۾ سيڪيورٽي ڊيوٽي تي مقرر ايف سي اهلڪارن تي دهشتگردن فائرنگ ڪئي، دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ جي نتيجي ۾ 3 ايف سي اهلڪار شهيد ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. شهيد اهلڪارن ۾ لانس نائيڪ سيد حسين شاهه، سپاهي فيصل محمود ۽ سپاهي نعمان الرحمان شامل آهن. آءِ ايس پي آر موجب ٻيو واقعو تربت ۾ پاڪ، ايران سرحد تي پيش آيو، جتي پيٽرولنگ ڊيوٽي تي مقرر ايف سي اهلڪارن تي دهشتگردن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 اهلڪار زخمي ٿي پيا.