سکر(رپورٽ: ممتاز بخاري) سنڌ جي بيراجن وٽ پاڻي جي صورتحال بهتر نه ٿي سگهي آهي ۽ بيراجن وٽ پاڻي کوٽ وڌي وئي آهي، اهڙي صورتحال بعد ساريالي پاسي ڪينالن ۾ پاڻي ڇوڙ جو اڃان تائين فيصلو ناهي ٿي سگهيو ۽ سنڌ جي مختلف علائقن جي واهن ۽ شاخن ۾ ڪٿي پاڻي کوٽ آهي ته ڪٿي اڃان تائين ناهي ڇڏيو ويو. سکر بيراج وٽ پاڻي جي کوٽ وڌي وئي آهي. پاڻي جي 35100 آهي پر کڻت 23380 آهي، ان حساب سان پاڻي کوٽ وڌي 33 سيڪڙو ٿي وئي آهي ۽ ڪوٽڙي بيراج وٽ به پاڻي کوٽ 40 سيڪڙو تائين پهتل آهي. ڪوٽڙي وٽ گهرج 12350 ڪيوسڪ آهي ۽ فراهمي 7315 ٿي رهي آهي ۽ هيٺاهين پاسي پاڻي رڳو 433 ڪيوسڪ آهي. ٻي پاسي گڊو بيراج وٽ پاڻي گهرج 3700 ڪيوسڪ آهي ۽ کڻت 3510 ڪيوسڪ آهي. سنڌ ۾ خريف جي شروعاتي ڏينهن ۾ پاڻي کوٽ وڌي رهي آهي ۽ مٿان به پاڻي وهڪري بهتر ناهن ٿي سگهيا. ٻي پاسي تربيلا ڊيم ۾ پاڻي گڏ ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. ڪالهه تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح وڌي 1407.65 ريڪارڊ ڪئي وئي آهي. تربيلا ڊيم ۾ پاڻيءَ جو مٿاهون وهڪرو 60100 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته کڻت 45000 ڪيوسڪ رکي وئي آهي. هوڏانهن ڪابل ندي ۾ نوشهري وٽ پاڻي وهڪرا 24 ڪلاڪن ۾ 13300 ڪيوسڪ گهٽجي وڃڻ بعد ڪالهه 9 مئي تي 37700 ڪيوسڪ تي پهچي ويا آهن. 8 مئي تي 51 هزار ڪيوسڪ هئا. منگلا ڊيم توڙي پنجاب جي ٻين دريائن مان ايندڙ پاڻي مان سنڌ ڏانهن گذريل 48 ڪلاڪن دوران 70 سيڪڙو وهڪرا گهٽايا ويا آهن. 7 مئي تي اتان پاڻي 10000 ڪيوسڪ ڇڏيو ٿي ويو جيڪو ڪالهه 9 مئي تي گهٽائي 3000 ڪيوسڪ ڪيو ويو آهي.