اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اين سي او سي جو اجلاس رٿابندي جي وفاقي وزير اسد عمر ۽ ليفٽيننٽ جنرل حمود الزمان جي گڏيل صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويو، اين سي او سي چيو آھي ته 8 مئي کان 16 مئي تائين عام واهپي ۽ استعمال جي انتهائي ضروري شين کانسواءِ باقي سڄي ملڪ ۾ سمورا ڪاروبار، سياحتي هنڌ بند رهندا، ان دوران هوٽلن جي بڪنگ به رد ڪئي وئي آھي، بين الصوبائي ٽرانسپورٽ به بند رهندي اين سي او سي صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي آھي ته ان حوالي سان جاري ايس اوپيز تي عملدرآمد کي يقيني بنايو وڃي،